لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪراچي بظاهر 129 جو آسان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊيوڊ وارنر ۽ محمد وسيم اننگ شروع ڪئي شاهين ڦنهنجي ٻئي اوور ۾ ڊيوڊ وارنر کي 8 رنسن تي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ ساڳئي اوور ۾ سلمان آغا به زيرو تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. 2 وڪيٽون ڪرڻ بعد ڪراچي جي بيٽنگ دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي. اٺين اوور ۾ مستفيض الرحمان سعد بيگ کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 19 رنسون ٺاهيون. پاور پلي ختم ٿيڻ تي 27 اسڪور هو. جنهن بعد اوپنر محمد وسيم ۽ معين علي اسڪور اڳتي وڌايو، 15 هون اوور شاهين آفريدي ڪرايو ۽ پهرين بال تي محمد وسيم کي بائونڊري تي ڪيچ ڪرايو هن 38 رنسون ٺاهيون هيون، 82 رنز تي ڪراچي جا 4 آئوٽ ٿيا. ساڳئي اوور ۾ شاهين معين علي کي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ڪرائي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. اعظم خان ۽ خوشدل ڪيريز تي موجود هئا. آخري اوور ۾ 14 رنز گهربل هيون، امپائر بال تبديل ڪيو 5 رنز جي پينالٽي لاهور کي لڳي ۽ هاڻي 6 بالن تي 9 رنز گهربل آهن. حارث رئوف پهرين بال تي خوشدل کي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ڪرايو، ٻيو بال وائيد ٿيو، عباس آفريدي چوڪو هنيو ۽ وري مٿان ڇڪو هڻي 4 وڪيٽن تان ڪراچي کي فتح ڏياري. هن 13 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ لاهور قلندرز ڪراچي کان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. فخرالزمان هڪ رن ٺاهي معين علي جي بال تي ڪيپر اعظم خان هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو، محمد نعيم 13 رنز ٺاهيون ته مير حمزه پنهنجي بال تي ڪيچ ڪيس. جنهن بعد عبدالله شفيق 33 رنز ٺاهي ايڊم زمپا جي بال تي حسن علي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد پرويز حسين ايمون کي سلمان آغا ايل بي ڊبليو ڪيو، امپائر اڳ ۾ آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿيو. سڪندر رضا 19 رنس ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي خوشدل هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد حسيب الله جو ساٿ ڏيڻ ڪپتان شاهين آفريدي آيو جنهن معين علي کي ڇڪو هنيو ۽ اڳئين بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، هن رويو ورتو، پر فائدو نه ٿيس. اسامه مير هڪ رن ٺاهي ايڊم زمپا جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو پر هن به رويو ورتو پر فائدو نه ٿيس. 18 هين اوور ۾ زيمپا وڪٽ به ورتي اوور به ميڊن ڪرايو. حسن علي، حسيب الله کي بولڊ ڪري ڇڏيو هن 28 رنز ٺاهيون. آخري اوور مير حمزه ڪرايو ۽ حارث رئوف کي خوشدل هٿان ڪيچ ڪرايو. لاهور جي ٽيم 20 اوورن م 9 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنز ٺاهي سگهي.










