لانگ مارچ ڪيس: عمران خان 30 مئي تي ذاتي طور طلب

لانگ مارچ ڪيس: عمران خان 30 مئي تي ذاتي طور طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ 30 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن ۾ عمران خان خلاف لانگ مارچ ۾ ڌانڌلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس نوٽيس جي تعميل بابت عدالت کي آگاهه ڪيو.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته قانون موجب عمران خان کي نوٽيس جاري نه ٿي سگهيا، جنهن بعد عدالت ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي عمران خان کي ڪاپي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سول جج مبشر حسن چشتي عمران خان کي 30 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو