ق ليگ جا 10 ووٽ رد، حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير برقرار

ق ليگ جا 10 ووٽ رد، حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جو اميدوار حمزه شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو، جڏهن ته پرويز الاهي کي ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ حمزه شهباز کي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ساڍي 7 وڳي دير سان شروع ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو. ووٽنگ جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ اميدوار پرويز الاهي 186 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته ن ليگ جي حمزه شهباز 179 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جو خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ هن ق ليگ ميمبرن کي ووٽ نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب (ق) ليگ جا سمورا 10 ووٽ رد ڪيا ويا آهن، مان اعلان ڪريان ٿو ته 10 ووٽن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. ان موقعي تي ق ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن احتجاج ڪيو. ان کان اڳ دوست محمد مزاري ايوان کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب حمزه شهباز 16 اپريل تي ٿيل چونڊن ۾ 197 ووٽ حاصل ڪيا، جنهن مان 25 ووٽ کٽڻ بعد سندس ووٽن جو انگ 172 ٿي ويو، جيڪو گهربل آهي. 186 ووٽن کان گهٽ آهن ان ڪري هاڻي انهن وٽ اڪثريت ناهي.ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري چيو ته هاڻي ڪنهن به ميمبر کي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ موجوده ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت جي ضرورت پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو