قِصو سُجاول لائبريريءَ جو ۽ دڙو شھر جا روڪيل بُنيادي ڪَمَ

قِصو سُجاول لائبريريءَ جو ۽ دڙو شھر جا روڪيل بُنيادي ڪَمَ

محمد انور ميمڻ
سِنڌ جي هڪ ننڍڙي شھر سُجاول ۾ 1961ع کان هڪ علم ۽ ادب جو گهَر پَبلڪ لائبريري قائم آهي. اڳ جڏھن سُجاول، ٺٽي ضلعي ۾ هو، تہ 1961ع ۾ جناب شاهد صديقي (ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو) هر هڪ تعلقي ۾ لائبريري قائم ڪئي ۽ سار سنڀال ٽائون ڪميٽين حوالي ڪئي وئي. اڄ سُجاول کي ڇڏي باقي تعلقن ۾ لائبريري جو نالو نشان ئي نٿو ملي. اُن وقت ٽائون ڪميٽي سُجاول پاران پبلڪ لائبريريءَ لاءِ حاجي عبدالعزيز مينڌرو کي انچارج مقرر ڪيو ويو ۽ کيس 100 ڪتاب، 2 الماريون، 2 ٽيبلون ۽ 5 ڪُرسيون مِليون. جنھن کانپوءِ حاجي عبدالعزيز مينڌري ايمانداري ۽ محنت ڪري سُجاول جي پبلڪ لائبريري جو نالو لاڙ ۾ مشهور لائبريرين ۾ شامل ڪرايو.
حاجي عبدالعزيز مينڌري ۽ سندس دوست جيلانيءَ صاحب محنت ڪري ڪتاب گڏ ڪيا ۽ مختلف اِسلامي مُلڪن جي سَفيرن کي خط لکي لائبريريءَ لاءِ ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيو، جنهن ۾ سعودي عرب، ڪويت، ترڪي ۽ ايران شامل آهن. ان کان علاوہ مختلف ادارن ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي دوستن کان پڻ ڪتابَ عطيي طور وٺي لائبريري ۾ رکيا. ايشيا فائونڊيشن طرفان ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سي ايس ايس جا ڪتاب لائبريريءَ لاءِ رونق جو مِثال آهن. پَبلڪ لائبريريءَ ۾ روزاني ٽائون ڪميٽي سُجاول پاران سِنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون رکيون وينديون آهن، ماهوار، پندرھن روزہ ۽ هفتيوار رسالا پڻ لائبريري ۾ پڙهن لاءِ ملندا آهن.
پبلڪ لائبريري سُجاول ۾ ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪري، سندس سار سنڀال پنهنجي ٻچن وانگر رکڻ ۾ حاجي عبدالعزيز ڪا ڪَسر نہ ڇڏي. اخبارن مان سُجاول شهر سان تعلق رکندڙ هر هڪ شخص جون اخبارن ۾ لڳل خبرون ڪٽينگ ڪري فائيل ٺاهي رکڻ ۽ فوٽو ڪاپيون ڪَرائي انهن کي ڏيڻ تائين هر ڪم پاڻ ڪندو ھو. حاجي عبدالعزيز صبع 7 وڳي لائبريري کوليندو ۽ 10 وڳي بند ڪري ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ وقت ڏئي وري لائبريري منجهند 2 وڳي کوليندو ۽ رات 7 وڳي بند ڪندو ھو. بجلي نہ هجڻ ڪارڻ ميڻ بتي ٻاري پنهنجو ڪم سر انجام ڏيندو ھو. حاجي عبدالعزيز پبلڪ لائبريريءَ ۾ روزگار لاءِ اخبارن ۾ لڳل اشتھارن کان وٺي ٽينڊر جون خبرون بہ فائيل ڪري رکندو ھو ۽ سندس انھيءَ محنت ۽ ايمانداريءَ کي ڏسندي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت شاھ شيرازيءَ 50 هزار رُپيا انعام پڻ ڏنو ھو ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم سيد اڪرم شاه شيرازي، حاجي عبدالعزيز مينڌرو سان شام مَلائڻ لاءِ شادي هال ۾ پروگرام رکي کيس عزت ڏني. حاجي عبدالعزيز مينڌري مختلف ادارن کي خط لکي هر رمضان شريف ۾ قرآن پاڪ جا عطيہ وٺي مختلف مسجدن ۽ گهرن ۾ پڙهندڙ نياڻين کي ڏيندو ھو.
حاجي عبدالعزيز مينڌري جي محنت ۽ ايمانداري کي ڏسندي ادي ريحانہ لغاري (اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر، سنڌ اسيمبلي) لائبريري وزٽ ڪري پنهنجي مرحوم والد رئيس خير بخش لغاريءَ جي نالي سان هڪ روم تعمير ڪرائي ڏنو، جيڪو اڄ مڪمل ڪتابن سان ڀَريو پيو آهي. 2015ع ۾ حاجي عبدالعزيز مينڌرو رٽائرڊ ٿيو، پر پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت هجڻ سبب ادي ريحانہ لغاريءَ تاحيات لائبريري جو اعزازي انچارج جو آرڊر حاجي عبدالعزيز مينڌرو کي ڏياريو. حاجي عبدالعزيز لڳاتار ڪم ڪار سنڀاليندو رهيو، پر وقت ۽ زندگي ساٿ نہ ڏنو ۽ 2017ع ۾ وفات ڪري ويو.
ان کانپوءِ لائبريري جي سار سنڀال لاءِ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين سيد شير علي شاه بخاريءَ حاجي عبدالعزيز جي پُٽ زاهد عزيز مينڌرو کي انچارج مقرر ڪيو. زاهد عزيز کي پاڪستان آرميءَ ۾ نوڪري مِلي هئي پر پنهنجي والد جو نالو روشن رکڻ لاءِ اھا نوڪري ڇڏي 12 هَزار رُپين پگهار ۾ ڪچي ملازم جي حيثيت سان پنهنجي والد جي جڳھ تي ڪم پيو ڪري. زاهد عزيز پنهنجي مرحوم والد جي نقش قدم تي هلي ايمانداري ۽ محنت ساڻ لائبريريءَ جو ڪم ڪار سنڀالي رهيو آهي. زاهد عزيز بہ پنهنجي والد وانگر هر هڪ شخص کي عزت ڏيندو ۽ پڙهندڙن جو خاص خيال رکندو پيو اچي.
زاهد عزيز مينڌري جي محنت بہ رنگ لاٿو ۽ هن 2022ع ۾ سيد اياز علي شاه شيرازي (ايم اين اي) ۽ سيد شاه حسين شاه شيرازي (ايم پي اي) جي تعاون سان سندن ڏاڏي ۽ سيد شفقت شاه شيرازيءَ جي والد جي نالي سان پبلڪ لائبريريءَ ۾ الحاج مرحوم قادر ڏنو شاه شيرازي قرآن ميوزيم هال تعمير ڪرايو ۽ اڄ هن ڪمري ۾ هر طرف اِسلامي ڪتابن سان گڏ قرآن پاڪ پڻ رکيل آهن.
حاجي عبدالعزيز ۽ سندس پٽ زاهد عزيز مينڌري جي محنت ۽ ايمانداريءَ ڪارڻ پبلڪ لائبريري سُجاول 63 سال (اڌ صديءَ کان مٿي) گذرڻ باجود اڃا تائين قائم آھي. سُجاول شهر جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ آفيسرن کي گذارش ڪنداسين تہ لائبريري جي اولڊ بلڊنگ ۽ چوديواري نئين سر تعمير ڪرائي ڏني وڃي ۽ زاهد عزيز مينڌرو جيڪو ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي، جنھن کي ست سال ٿيا آهن، کيس پنهنجي والد جي جڳھ تي پڪو آڊر ڏنو وڃي.
ان کان علاوہ ضلعي سُجاول ۾ گذريل پندرھن سالن کان جيڪي بہ بنيادي ڪمَ منظور ٿيا، اھي پ پ جي دور ۾ ئي رد ڪرايا ويا! افسوس آھي تہ دڙي شھر جي پبلڪ پارڪ ۾ لائبريري منظور ڪري آسري ۾ رکيو ويو ۽ دڙي ۾ نادرا آفيس، يوٽلٽي اسٽور، ريلوي اسٽيشن، شھيد ذوالفقار ڀٽو ڪالوني پڻ منظور ٿي، پر سُجاول ضلعي جي پيپلز پارٽيءَ ۾ گروپ بنديءَ ڪارڻ اھي ڪَمَ رد ڪَرايا ويا. دڙو، بٺورو، ابڙال، ٻنون، لائقپور، ٻيلو جهڙن شھرن ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪوبہ ترقياتي عمل نہ ٿيو آھي. جنھن لاءِ اپيل ٿي ڪجي تہ واھر ڪري روڪيل بنيادي ڪَمن جي پَرگهور ڪئي وڃي. ضِلعي سُجاول جي سماجي تنظيم مُعين احمر پاڪستان، سياسي، سماجي، ادبي، صحافي اپيل ٿا ڪن تہ خدارا بنيادي ڪمَ بحال ڪرائي ڏنا وڃن. پنجاھ سالن کان ضلعي ٺٽي ۽ سُجاول جا شھر ۽ ڳوٺ تباھيءَ طرف وڌي رھيا آھن، ڪي بہ بنيادي سھولتون ناھن؛ صاف پاڻي، اسٽريٽ لائٽ ۽ لائبريريءَ جي تمام گهڻي ضرورت آھي. دڙو پبلڪ پارڪ ۾ سونھن سينگار، صفائي، وڻڪار نہ ھئڻ جي برابر آھي. پبلڪ پارڪ ۾ ٽِي ويءَ جا انتظام پڻ ڪيا وڃن. شھر ۾ اھڙو ڪوبہ تفريح گاھ ناھي جو عوام کي سڪون ۽ آرام ملي، تنھن لاءِ اسان وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون تہ انھن مسئلن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي..!!

پهنجو تبصرو موڪليو