قيمتي گاڏيون آمريڪا کڻي ويندڙ جهاز کي باهه

قيمتي گاڏيون آمريڪا کڻي ويندڙ جهاز کي باهه

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)يورپ مان هزارين لگزري ڪارون کڻي آمريڪا ويندڙ مال بردار جهاز کي باهه لڳي وئي.  آمريڪي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پرتگالي مال بردار جهاز ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.  ميڊيا رپورٽن موجب مال بردار جهاز ۾ ووڪس ويگن گروپ جون 4 هزار گاڏيون آهن.  رپورٽن مطابق مال بردار جهاز ۾ اٽڪل 1100 پورش ۽ 200 مهانگيون بينٽلي گاڏيون هيون. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مال بردار جهاز ۾ سوار عملي جي 22 ميمبرن کي بچايو ويو آهي پر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مال بردار جهاز کي لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو