قيدين جي انصاف لاءِ ڪيترا ڀيرا ازخود نوٽيس ورتو ويو؟

قيدين جي انصاف لاءِ ڪيترا ڀيرا ازخود نوٽيس ورتو ويو؟

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قيدين کي قانون مطابق سڀ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙو اظهار هن عيد جي ڏينهن ڪوٽ لکپت جيل جي دورو دوران قيدين جا مسئلا معلوم ڪرڻ بعد انتظاميا کي هدايت ڪندي جاري ڪيو. هن چيو ته جيل ۾ عيد ڇا ٿيندي آهي؟ ان جو احساس آهي، مان به ٻه ڀيرا هن جيل ۾ قيد رهيو آهيان. هن مرد ۽ عورت قيدين جا مسئلا معلوم ڪيا، شڪايتون ٻڌيون ۽ ڪجهه معاملن جي انڪوائري جو حڪم به ڏنو. هن چيو ته جيلن ۾ ٽوائلٽس جي حالت انتهائي خراب آهي، قيدين جي غسل ۽ ڪپڙا ڌوئڻ جو نظام به خراب آهي جيڪو فوري ٺيڪ ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو. هن چيو ته سوين قيدي معمولي ڪيسن ۾ قيد آهن، اصل ۾ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ عدالتن کي رليف ڏيڻ گهرجي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اصل سوئو موٽو ته قيدين جا مسئلا آهن پر مان پڇان ٿو ته قيدين جي انصاف ۽ بهتري لاءِ اعليٰ عدالتن ڪيترا سوموٽو ورتا ويا؟ جيلن ۾ هزارين قيدي آهن، جن کي فوري طور آزاد ڪري سگهجي ٿو. ان کان اڳ هن قيدين ۾ تحفا ورهايا، ساڻس گڏ ڪجهه سرندي وارا بههئا جن به قيدين ۾ تحفا ورهايا.

پهنجو تبصرو موڪليو