قيادت واضح ھدايتون آھن تھ عوام جي بھترين خدمت ڪئي وڃي

قيادت واضح ھدايتون آھن تھ عوام جي بھترين خدمت ڪئي وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ ۾ اڄ مڪاني چونڊن جو مرحلو ميئر ڪراچي جي حلف برداري کانپوءِ ختم ٿي ويندو ۽ ڪراچي ۾ مڪاني انتظاميا فعال ٿي ويندي. آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي جي قيادت اڳوڻي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ھدايتون ڏنيون آھن تھ عوام جي بھترين خدمت ڪئي وڃي. ھن چيو ته ھڪ پارٽي اسان جي بنا ڪنھن سبب جي مخالفت ڪري رھي آھي، ڇاڪاڻ ته فتنو ۽ فساد اُن جي تاريخ رھي آھي، جماعت اسلامي کي گھرجي ته پنھنجي شڪست تسليم ڪري ۽ گڏجي ڪم ڪري. ھن واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جي ليڊرشپ جون ھدايتون آھن ته سڀني سان گڏجي ڪم ڪريون. ھن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ جي ڪري جماعت اسلامي کي سيٽون مليون ٻي صورت ۾ بري ريت ھارائي وڃي ھا.پوليو مھم جي حوالي سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پوليو جھڙي موذي مرض کان پنھنجن ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ والدين پنھنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين، ھن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته پوليو مھم ۾ حڪومت جو ڀرپور نموني ساٿ ڏئي ۽ والدين کي پوليو جي قطرن جي فائدن بابت آگاھ ڪري، سنڌ سرڪار پوليو جي حوالي سان آگاھي مھم فعال نموني ھلائي رھي آھي. ھن چيو ته ميڊيا کي گذارش آھي ته پوليو تي ٽاڪ شوز ۽ آگاھي مھم تيز ڪري ۽ اُن تي پروگرام وڌائي ته جيئن ماڻھو پوليو مھم ۾ ڀرپور نموني حصو وٺن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ ھڪ خبر ڏٺي آھي ته وزير اعظم، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب رُپين جا خاص فنڊ ڏنا آھن جيڪڏھن اھا خبر صحيح آھي ته اسان اُن جي ڀرپور آجيان ڪريون ٿا، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ھر فورم تي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ آواز اُٿاريو آھي، وزير اعظم کي گذارش آھي ته سنڌ جي دورن ۾ سنڌ ۾ سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪري. ھن چيو ته گذريل ڏينھن احسن اقبال جيڪا ڳالھ ڪئي اُن تي عرض آھي ته احسن اقبال اسان لاءِ قابلِ احترام آھي، پر اھا نامناسب ڳالھ آھي ته جيڪا ڳالھ رڳو اجلاس جي اندر تائين محدود رھڻ گھرجي ھا اُن کي اجلاس کان ٻاھر بيان ڪيو وڃي، اھڙو عمل نامناسب آھي. اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ جي موقعي تي وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف پاران سنڌ جي دورن دوران کي سنڌ سرڪار قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ سنڌ سان سڀني کان وڌيڪ زيادتيون ٿيون، جڏھن پي ڊي ايم حڪومت جُڙي ته اسان وزير اعظم پاڪستان کي اُن زيادتي جي ازالي جي درخواست ڪئي، سنڌ جي آبپاشي ۽ روڊن جون اسڪيمون شامل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ھن چيو ته سنڌ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ۽ گيس مھيا ڪندو آھي، ٿرڪول مان بجلي اسان ڏئي رھيا آھيون، پر سنڌ سان ڪيل واعدن جو وفا نه ٿيڻ انصاف ناھي، سنڌ جي مطالبي تي آبپاشي ۽ روڊس سيڪٽر جون اسڪيمون رکيون ته ويون پر پئسا نه رکيا ويا. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن ميڊيا ذريعي ملندڙ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امدادي رقم واري خبر صحيح آھي ته اسان وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت جي ٿورائتا آھيون، پر ھي خبر جيڪڏھن پھرين اسان کي ڏني وڃي ھا ته بھتر ٿئي ھا، اسان جي ليڊر شپ اتحاد کي سٺي نموني ھلائڻ چاھي ٿي، پر ٻئين ۽ ٽئين مرحلي واري ليڊرشپ مان تيز بيان اچڻ مناسب ناھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي ليڊرشپ جو ويزن اتحاد سان گڏ ھلڻ آھي، پر جيڪڏھن شڪايت ھوندي ته قاعدي ۾ رھي شڪايت ڪنداسين. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اسان جي ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ سميت سڀني پارٽين سان دوستي آھي، جماعت اسلامي سان به اسان جي ڪا لڙائي ناھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سراج الحق معزز بزرگ آھي، پيپلز پارٽي ڪنھن قسم جي زور زبردستي تي يقين نه ٿي رکي، سنڌ سرڪار سمورن ٽائونز کي مڪمل اختيار ڏيندي، خدمت جو موقعو سڀني کي ڏنو ويندو، سڀ گڏجي شھر جي خدمت ڪن. ھن چيو ته جماعت اسلامي ڪڏھن به ڪنھن جمھوري دور ۾ اقتدار ۾ ناھي آئي، سراج الحق مشرف جي دور ۾ خيبر پختونخواھ جو ناڻي وارو وزير ھو اھو به جمھوري دور نه ھو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اپوزيشن ليڊر کي قانون موجب اسيمبلي جي اجلاس ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو