لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته 4 سالن کان عمران خان جي وڃڻ تي سڄي قوم دعا ڪري رهي آهي. جاويد لطيف جي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ سندس اباڻي ڳوٺ شيخوپوره پهچڻ تي ن ليگ ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو، ڪارڪنن ميان جاويد لطيف تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ آتشبازي پڻ ڪئي وئي. ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جاويد لطيف چيو ته عمران خان جڏهن روس ويو ته ان خلاف سازش ٿي هئي ته پوءِ روس وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڇو ڏني؟ هن چيو ته ادارن کي بي اعتمادي ۽ بليڪ ميل ڪرڻ عمران خان جي پراڻي عادت آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻنهي اجلاسن ۾ ان سازش جو ذڪر نه ڪيو ويو، اها عالمي سازش هئي، پوءِ عمران خان اقتدار بچائڻ لاءِ زرداري سان رابطو ڇو ڪيو؟ جاويد لطيف چيو ته سڄي قوم 4 سالن کان عمران خان جي وڃڻ لاءِ دعا ڪري رهي هئي.










