ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريه ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، عوامي تحريڪ جي سجاد چانڊيو، رياض چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. قومپرست اڳواڻن جي عدالت پهچڻ تي وڪيلن جو وڏو انگ پڻ عدالت ۾ موجود هو.

حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو تھ بحريه ٽائون جي ڪري اسان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، اڃا تائين سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۽ قومپرست ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌي وسندين تي قبضي خلاف عوامي رابطا مهم جو ٻيون مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن چيو ته 28 جون تي اجلاس ۾ عوامي رابطا مهم جو شيڊول طئه ڪيو ويندو، هاڻي ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد ۽ ٻين ڊويزنس ۾ عوامي رابطا مهم هلائي ويندي، ڪراچي کان ڪشمور تائين لکين ماڻهو رستن تي آيا ته بحريه ٽائون جي مالڪ کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. ھنن چيو تھ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري برداشت نھ ڪئي ويندي.










