قومي ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سيريز کٽي،احسان ماني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جَي چيئرمين احسان ماني زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز کٽڻ تي قومي ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن. احسان ماني چيو ته قومي ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سيريز کٽي ، پهرين ڏکڻ آفريڪا ۽ هاڻ زمبابوي خلاف ڪرڪيٽرن سٺي راند کيڏي. هن وڌيڪ چيو ته 2023ع تائين ٽاپ ٿري پوزيشن لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڪپتان بابر اعظم سميت سمورن رانديگرن کي ڪوشش سان سخت محنت به ڪرڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو