اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿيندو، وفاقي بجيٽ جمعي تي پيش ڪئي ويندي.سينيٽ جو اجلاس اڄ منجهند کانپوءِ 4 وڳي ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.خميس تي اقتصادي سروي پيش ڪيو وڃڻ جو امڪان آهي. سينيٽر سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته ايوانِ صدر جي وڏي اجلاس ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. هن چيو ته چئني صوبن وفاق کي گهربل 1200 کان 1700 ارب رپيا ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اها رقم پاڪستان کي درپيش اسٽريٽجڪ خطرن کي نظر ۾ رکندي وفاق کي گهربل هئي.










