اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ سومر تي پارليامينٽ هائوس ۾ٿيندو جنهن ۾ ناموس رسالت صلعن جي معاملي تي بحث ڪيو ويندو اجلاس شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو ۽ بجيٽ تي به بحٽ شروع ٿيندو اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪندو تفصيل مطابق وزيراعظم شهبازشريف ناموس رسالت جي معاملي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي قومي اسيمبلي اجلاس ۾بحث ڪرائڻ جي درخواست ڪندي چيو هو ته بي جي پي ليڊرن جي زهر اوڳاڇڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ چيو هو ته ٺهراءُ جي ذريعي ڀارت سميت سڄي دنيا کي اسان ٻڌائي ڇڏڻ چاهيون ٿا ته آقا ڪريم جي حرڪت لاءِ هر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر شهبازشريف جي درخواست تي ناموس رسالت صلعم جي معاملي تي سومر تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو اسپيڪر سومر ڏينهن اجلاس ۾ هڪ ڪلاڪ رکي ڇڏيو جنهن ۾ بي جي پي ليڊرن پاران زهر اڳاڇڻ جي مذمت ڪئي ويندي اسپيڪر اپوزيشن کي به اجلاس ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي اسپيڪر چيو ته هي معاملو سياسي جماعتي ۽ انفرادي نوعيت جو نه آهي پر اسان جي ايمان جو معاملو آهي اچو سڀ گڏجي گستاخن جي خلاف ايمان جو مظاهرو ڪريون جنهن کان پوءِ ايوان بجيٽ تي بحث ڪندو قومي اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪندي جنهن ۾ بي جي پي ليڊر جي مذمت ڪئي ويندي.










