قلندر بخش رند جي قتل جو معمو حل، جوابدار گرفتار

قلندر بخش رند جي قتل جو معمو حل، جوابدار گرفتار

نواب شاهه(رپورٽ اي ڪي ڏاھري) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد افضال شاھ ڪالوني ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ قلندر بخش رند جي قتل جو معاملو پوليس حل ڪري ورتو ، مقتول قلندر بخش جو قاتل سندس ڊرائيور محمد علي بروھي نڪتو ، جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري مقتول جي پٽ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو، جڏھن ته قتل ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل ان ڏينھن ئي پوليس جي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا ھئا ،اي ايس پي سٽي نواب شاهه ظفر صديق پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته قلندر بخش رند جو قاتل ، سندس ڊرائيور محمد علي بروھي آھي جنھن پيسن جي لاچ ۾ اچي ڪري قلندر بخش رند کي قتل ڪيو آھي ۽ جوابدار پڻ اعتراف ڪيو آھي ، پوليس جوابدار تي مقتول جي پٽ جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ، اي ايس پي سٽي ظفر صديق وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن ڏينهن قلندر بخش رند کي قتل ڪيو ويو. ، ان جو ڊرائيور محمد علي بروهي ، جيڪو گذريل ڏهن سالن کان ڊرائيور هو ۽ واقعي واري ھنڌ موجود هو ، ان وقت ان جي خاندان ۽ پاڙيسرين اطلاع ڏنو ته قلندر بخش رند خودڪشي ڪئي آهي. پوليس لاش قانوني ڪارروائي لاء پي ايم سي اسپتال آندو ۽ اسان کي شڪ ٿيو ته اهو خودڪشي نه پر قتل آھي جنھن کانپوء پوليس پنھنجي تفتيش شروع ڪئي جنھن مان خبر پئي ته مقتول قلندر بخش رند جو هڪ دوست ۽ هڪ ڪاروباري ساٿي الطاف حسين ڪيريو هو جنهن کان هن 12 لک رپيا ورتا هئا ۽ ان کي ان ئي ڪمري ۾ رکيو ويو هو جنهن ۾ مقتول کي قتل ڪيو ويو هو. قتل ۾ ھڪ يا وڌيڪ گوليون لڳل ھونديون  آهن ، پر هن کي ٻه گوليون لڳل هيون ۽ واقعي واري ھنڌ کان ٻن گولين جا خالي کول مليا  ۽ خودڪشي ڪندڙ ڪڏھن به پاڻ کي ٻه گوليون نه ٿو ھڻي سگھي  ۽ ان تي اسان کي شڪ ٿيو ۽ مقتول جي پٽن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي شڪايت ۾ بي سيڪشن پوليس اسٽيشن ۽ ڊرائيور محمد علي بروهي تي ڪيس داخل ڪرايو. خفيه اطلاع تي شھر مان جوابدار کي گرفتار ڪيو ، ڪيس جي جاچ جاري آھي ، ۽ جوابدارن کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي ، ان موقعي تي ايس ايڇ او بي سيڪشن محمد اقبال وساڻ ، پي آر او ياسين سولنگي ،اي ايس آئي علي رضا سولنگي پڻ موجود هو.

پهنجو تبصرو موڪليو