قصور: (ويب ڊيسڪ) قصور ۾ پوليس اسٽيشن بي ڊويزن جي چاه بلينڊي والا علائقي ۾ هڪ لاش پاور لوم مان لٽڪيل مليو.اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. پوليس اسٽيشن بي ڊويزن لاش کي قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي اڃا تائين نٿا چئي سگهن ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي يا هن خودڪشي ڪئي آهي. فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 25 سالن جي علي جي نالي سان ٿي آهي. علي رڪنپور جو رهواسي ۽ پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو.نوجوان رات جو گهر کان پاور لوم تي آيو پر ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ گهر واپس نه آيو. جڏهن ڳولا شروع ڪئي وئي ته لاش کي پاور لوم جي ڪنڊ مان لٽڪيل ڏسي افراتفري مچي وئي.پوليس اختيارين وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جاچ کان پوءِ ئي اصل حقيقتون سامهون اينديون.










