باقو(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني وفد آذربائيجان کان قرض تي تيل ۽ مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) جي خريداري تي ڳالهه ٻولهه لاءِ باڪو پهچي ويو.ذريعن موجب پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد آذربائيجان پهچي ويو آهي، پيٽروليم سيڪريٽري محمد محمود به وفد سان گڏ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آذربائيجان کان قرض تي تيل ۽ ايل اين جي جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.ذريعن موجب پاڪستان آذربائيجان کان هر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ چاهي ٿو.










