بغداد (ويب ڊيسڪ)سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سوين ماڻهن ڪاوڙيل ماڻهن عراق جي راڄڌاني بغداد ۾ سويڊن جي سفارتخاني تي حملو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي.ناراض احتجاج ڪندڙن مرڪزي بغداد ۾ سويڊن جي سفارتخاني تي حملو ڪيو، عمارت جي ڀتين کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ سفارتخاني کي باهه ڏئي ڇڏي. سويڊن جي سفارتخاني تي حملو عراقي اڳواڻ مقتدا الصدر جي حمايتين ڪيو آهي.سويڊن جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سفارتخاني جو سمورو عملو محفوظ آهي.سويڊن جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هو سفارتخاني تي حملي جي مذمت ڪري ٿو ۽ عراقي اختيارين سفارتي عملي ۽ مشن جي حفاظت جا ذميوار آهن.ٻئي طرف عراق جي پرڏيهي وزارت سويڊن جي سفارتخاني تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.عراق ۾ ناراض ماڻهن پاران اهو مظاهرو سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي هڪ ٻي بي حرمتي کانپوءِ ٿيو آهي.










