قتل ڪيس ۾ پوليس هٿان فريادي ڌر جو ماڻهو گرفتار،ڌرڻو

شڪارپور (ڪاشف نواز ٻرڙو ) نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهرام خان بنگلاڻي ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تي فائرنگ سبب معذو مزار بنگلاڻي قتل ٿي ويو . جڏهن ته ٻئي ڌر جي ڪرم الله ۽  مراد علي معمولي زخمي ٿي پيا. فوتي ۽ زخمين کي شڪارپور اسپتال آندو ويو، لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي اسپتال مان پوليس جي موجودگي ۾ فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي نيو فوجداري ٿاڻي تي مقتول مزار بنگلاڻي جي ڀاءُ گلزار بنگلاڻي جي فرياد تي ڪرم الله، عبدالواحد، مراد علي، غوث بخش ۽ قربان بنگلاڻي سميت 6  جوابدارن خلاف  ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران مقتول ڌر جي نصير بنگلاڻي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو .ھوڏانهن نيو فوجداري پوليس خلاف بنگلاڻي برادري جي سوين ڳوٺاڻن ديدار بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ لاش سميت شڪارپور سکر روڊ جيل چورنگي  وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرين پوليس خلاف نعريبازي ڪئي مسافر سخت پريشان رهيا ٻئي پاسي نيو فوجداري پوليس روڊ کولرائڻ لا پهتي مگر مظاهرين روڊ کولڻ کان کتو جواب ڏنو جنهن بعد ضلعي ڪائونسل شڪارپور جي ميمبر عبدالرشيد شر ايس ايڇ او نيو فوجداري عبدالرشيد لوڌي مظاهرين وٽ پهچي خاطري بعد روڊ کولرائي احتجاج ختم ڪرايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو