خيرپور (محمد علي جانوري) تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج گل ضمير سولنگي جي عدالت ۾ راڻيپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ شفيع محمد ڀيلار ۾ گهٽي ۾ اچڻ وڃڻ تان منع ڪرڻ جي ڳالهه تان ناراض ٿي تاريخ 12 نومبر 2009 تي جوابدار ڀلي ڏنو، درويش عرف صادق علي ۽ سائينداد ٽئي پٽ قبول ڀيلار هٿان ڪهاڙين جي وار سان قتل ڪيل نوجوان ذوالفقار علي ولد رحيم داد ڀيلار جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جنهن دوران جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کين عمرقيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. پوليس جي سخت پهري هيٺ جوابدارن کي سينٽرل جيل اماڻيو ويو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدر 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندا.










