قتل ٿيل نوجوان جي قبرڪشائي، جسم جا جزا ورتا ويا

قتل ٿيل نوجوان جي قبرڪشائي، جسم جا جزا ورتا ويا

نئون ڪوٽ (پيارعلي نهڙيو) ٽي مهينا اڳ مبينه طور تشدد وگهي فوت ٿيل ڳوٺ ڪيٽي ملاح واسي 19 سالا نوجوان زاهد ملاح جي سيشن جج مير پور خاص جي حڪم تي جوڊيشنل ميجسٽريٽ اينڊ سول جج مٺي مريد حسين راڄڙ جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري لياقت ميڊيڪل ڄامشورو جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر سيد قربان علي شاھ، ڊاڪٽر عبدالمعيز، ڊاڪٽر وحيد علي ناهيون، ڊاڪٽر تنوير احمد شيخ جسم جي مختلف حصن جا جزا وٺي سيل پيڪ ڪري ورتا. مقتول جي والد سلطان ملاح سيشن جج مير پور خاص کي درخواست ڏني هئي ته منهنجي پٽ کي برادري جي ماڻهن الهڏنو ملاح، عيسي ملاح ۽ ٻين بلا جواز تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ڪري منهنجو نوجوان پٽ انتهائي نازڪ عضوي تي ڌڪ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم جي انچارج ڊاڪٽرسيد قربان علي شاھ ٻڌايو ته اسان فوتي جي ميڊيڪل رپورٽ لاءِ جسم جي مختلف حصن جا جزا ورتا آهن ليبارٽري ٽيسٽ بعد اصل حقيقت جي خبر پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو