خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ ۾ ڪافي سالن کان قبيلائي جاگيرداري وڏيرڪو پوتار ڪلچر ايڏو ته مضبوط ٿي چڪو آھي جو اڄ ڏينھن تائين ان جون پاڙون پٽجي نه سگھيون آھن ۔انھي ڏس ۾ متاثر ٿيل علائقن ۾ پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا به محفوظ ڪونه آھن ۔خاص طور تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ گھوٽڪي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جو ايڏو ته مضبوط نيٽ ورڪ وڇايل آھي جو آپريشن دوران پوليس جا اعلي عملدار به پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آھن ۔جن جو اڃان تائين ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آھي ۔۽ نه انھي مسئلي جو ڪو خاطرخواه حل ڳوليو ويو آھي ۔ان ڪري ئي قبيلائي جاگيرداري نظام ۾ اسان جا ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا آھن ڪافي سال اڳ۾به اھڙي طرح نوجوان سياسي سماجي اڳواڻ سيف جتوئي پڻ جتوئي ڪليري قبيلائي جھيڙي جي ور چڙھي ويو ۔ان کان پوء لڳاتار اھو سلسلو جاري آھي اسان وٽ قبيلائي نظام ايڏو ته مضبوط آھي جو ان جي خاتمي لاء سياسي سماجي تنظيمون بيوس آھن ۔جو ان علائقي جا چونڊيل نمائندا به انھي قبيلائي نظام جو حصو آھن ۔ان جي خلاف اتي جي صحافين به انھي نظام خلاف آواز اٿاريو ته صحافين جي آواز کي به دٻايو ويو۔شان ڏھر بھادر صحافي ان جو جيئروجاڳندو مٽال اسان جي آڏو آھي ۔انھي ڏس ۾ ام رباب جو واقعو ھجي يا تانيه خاصخيلي جو قتل ۽ سرداري ڀوتارڪي نظام جي ور چڙھيل ناظم جوکيو ۽ ٻيا ڪيئي گمنام قتل ان نظام جي مضبوطي جي دليل آھن ۔پر ان فرسوده نظام کي ختم نه ڪري سگھيا ۔جو اڄ وري اسان جو قيمتي اثاثو جيڪو يورپ کي ڇڏي ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ ھتي مستقل سنڌي عوام لاء خدمتون جاري رکيائين ۔سنڌي قوم جي بھتر مستقبل لاء اونداھي ۾ ڏيئو روشن ڪيائين جئين اڄ جو نوجوان اونداھي مان نڪري روشني ۾ اچي ۽ پنھنجا کسيل حق واپس وٺي ۔اھڙا خيال رکندڙ سنڌ جو ڏاھو سنڌ جو شعور پنھنجي وطن موٽي اء بي اي سکر ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۔جئين ھتي صدين کان رائج فرسوده نظام کي ختم ڪري سگھجي پر ائين نه ٿي سگھيو پاڻ ئي انھي ڪڌي نظام جي ور چڙھي ويو ۔ھي ڌرتي اڃان به قرباني گھري ٿي جيڪا قرباني ماضي ۾ ھوشو ھيمون روپلو ڏيئي ويا آھن پر ھي ڌرتي اڃان به قرباني گھري ٿي جئين سڄي ڌرتي رت سان ڳاڙھي ٿي وڃي اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي ڏاھپ جو قتل آھي انسانيت جو قتل آھي جيڪو جاري آھي صدين کان ان جي مڪمل خاتمي جي لاء وڏي جدوجھد جي ضرورت آھي ته ان قبيلائي نظام جي خلاف سنڌي سماج اٿي کڙو ٿئي ۽ ان جي خاتمي تائين ڊگھي جدوجھد ڪئي وڃي ۽ اھڙان ڏاھپ رکندڙ ذھين باشعور شھري بچايا وڃن ۔ان لاء ڊگھي جدوجھد ڪرڻي پوندي تڏھن وڃي ڪو ان مسئلي جو خاطرخواه نتيجو نڪرندو ۔شاه سائين به فرمايو آھي ۔ھڻڻ ھڪلڻ مانجھائي مرڪ وجھن تان ئي فرق جئين رڪ وھندي راند ۾










