ڏھرڪي (ن سنڌيار ) ٽائون انتظاميا جي نااھلي سبب ڏھرڪي ۾ موجود ميگھواڙ برادري جي قديمي قبرستان محمد پناھ جي سار سنڀار ٿي نه سگهي سڄي شھر جي گٽرن ۽ گندي نالين جو پاڻي ھڪ دفعو ٻھير قبرستان اندر ڪاھي پيو سياسي سماجي توڙي مکين پاران به ڪا واھر نه ڪئي وئي. ميگهواڙ برادري جي نوجوانن بلدياتي چونڊن جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني آهي.

گٽرن ۽ گندي نالين جو پاڻي قبرستان اندر داخل ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون گندي نالي جي پاڻي ھيٺ اچي ويون آهن. امير بخش محلا ـ راجا ڪالوني ـ داد لغارد روڊ ـ سميت مختلف علائقن جي ميگھواڙ برادري جي ماڻھن پنهنجي پيارن جون قبرون آخري آرام گاھ ۾ دفنائڻ لاء پريشان قبرستان کي چار ديواري نه ھئڻ سان گڏوگڏ قبرستان ۾ صفائي سٿرائي نه ھئڻ ڪري قبرستان جھنگل جو ڏيک ڏيڻ لڳو جڏهن ته ڊي سي گھوٽڪي سميت تر مان چونڊيل نمائندن مکين به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي. سماجي اڳواڻ جام عبدالفتح سميجو پاران ڪجھ عرصو پھرين قبرستان جي پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف جھدوجھد ڪئي ۽ سندس قبرستان جي لاء آواز به اٿاريو ميگھواڙ برادري جي نوجوانن ٻڌايو ته ڄام عبدالفتح سميجو ميگھواڙ برادري جي ھر مسئلي ۾ گڏوگڏ ھوندو آھي، ھن وقت اسان سان وڏو ظلم آهي ھاڻ به اسين سندس مدد جا طلبگار آهيون. نوجوانن چيو ته اڳوڻي مکي شيو لعل به پنهنجي مکپڻ ۾ قبرستان جو ڪم ڪرايو پر ھن وقت موجوده مکي وڪيل نند لعل سندس ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ھنن چيو ته اسان پنهنجو پرامن احتجاج وقتن به وقتن رڪارڊ ڪرايو آهي پر اڃان تائين ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي. نوجوانن پاران ضلعي گھوٽڪي مان چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي گھوٽڪي کي اپيل ڪئي وئي ته ٽائون انتظاميا سندن قبرستان جي روڊ تان نڪرندڙ گٽرن جو نيڪال وارو سسٽم کي ٺيڪ ڪري ۽ قبرستان جي چارديواري ۽ صفائي ڪرائي ڏني وڃي.










