قبائلي جهيڙا،هڪ سازش ۽ سنڌ جا وسيلا

تحرير زوار حسين شاهه 

سنڌ جيڪا امن جي ڌرتي آهي سنڌ جنهن لاء حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم ،   عالي مقام وارث ڪائنات  امام  حسين عليه سلام جن جا فرمان به آهن ته مونکي سنڌ مان خوشبو ٿي اچي ،جيڪڏهن موقعو مليو ته مان سنڌ به ايندس ، برحال اها سنڌ آهي امن جو پيغام ڏيندڙ سنڌ شاه عبداللطيف رحه ، لال شهباز قلندر رحه عبدالله شاه غازي ، حضرت سچل سرمست رحه جي ڌرتي ، شيخ اياز جي ڌرتي ، بخاري جي ڌرتي ، جتان محبت پيار به ملي ٿو امن جو پيغام به ملي ٿو مهمان نوازي جا قصا به لڪيل ئي ناهين  پر هن قوت جي ڌرتي جنهن مٿان  خون جا رنگ نظر اچي رهيا آهن هقن سچ چوندڙن مٿان ظلم جا پهاڙ ٿي رهيا آهن ، سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي ، پر سنڌ خلاف جيڪا به سازش ٿي رهي آهي سنڌ جي ڌرتي هاڻ غيرن جي ڌرتي سڏجي ٿي سنڌ ڌرتي جا سور گهڻا آهن ڪنهن ڪنهن کي ٻڌايان ، سمنڊ زمين گيس ، ڪوئلو ، پٿرن مٿان به هاڻ قبضا ٿي رهيا آهن ،   سنڌ جي جيڪڏهن دردن جي ڪٿان ڪهاڻي شروع ڪيان ته ڪافي پوئتي وڄڻو پوندو پر  پنج هزار سال پراڻي تاريخ تمدن تهذيب رکندڙ پاڪ سنڌ ڌرتي جيڪا مهمان نوازي جي لحاظ کان  نه صرف پاڪستان م پر سڄي دنيا ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي  جنهن تي جيترو به ڳالهائجي مان سمجهان ٿو گهٽ آهي ، پر سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني ۾ جاء ڏيندڙ  مٿان هاڻ تشدد به ٿئي ٿو وسليه به کيسا وڃن ٿا ته اسان کي قبائلي جهيڙن جي وڪڙ م  به ڦاسايو وڃي ٿو ، جنهن کي سمجڻ جي انتهائي ضرورت آهي ، سنڌ دنيا جو واحد خطو هوندو جنهن کي  بهترين پنهنجي  تهذيب آهي پنهنجي ٻولي آهي پر سنڌ  کي ازل کان ڄن تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو هجي ، سنڌ جي مٿان ڌاريا مسلط ٿي رهيا آهن اصل سنڌ جا وارث هاڻ اقليت م تبديلي ٿي رهيا آهن ان جا سبب ڪهڙا آهن اچو ته ان تي به اسان ڪجهه نظر وجهون ، جڏهن راڻيپور جي سٽي پريس ڪلب لائيوڊجيٽل نيوز ، ان سان گڏ انساني هقن جي تنطيم هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ جي ڳالهه ڪيان ته گڏجي سنڌ م اچانڪ قبائلي جهيڙا  ان جي حل لاء ڇا ڪرڻ گهرجي رياست ڇا پئي ڪري سماج سنڌ سڌارڪ سماجي رهنما پنهنجو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن تمام وڏو موضوع آهي  هڪ سيمينار منعقد ٿيو جتي سنڌ جي ناليواري شخصيتن جنهن ۾ سنڌ جو سماج سڌارڪ سياسي سماجي شخصيت  پير سيد فرزند علي شاه جيلاني ، روزاني وفاء سنڌ ڪراچي جي ايڊيٽر مشتاق احمد ميراڻي جي خاص مهمان پڻ هيا جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر سينئر صحافي راهب ڳاهو ، روزاني وچن حيدرآباد چيف ايڊيٽر سن جي سائين جو عاشق حاڪم سنڌو ۽ بين پڻ شرڪت ڪئي چوڻ جو مقصد ته سنڌ اها جيڪا  سڄي پاڪستان کي پالي رهي آهي  سنڌ ذخيرن سان مالا مال آهي ،  برحال سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو آهي ، لٽڻ ۾ جتي  ٻين جو هٿ آهي اتي اسان جي پنهنجن به گهٽ ناهي ڪئي ، ڪڙو سچ اهو آهي سڀ کان پهريان ته سنڌ مان تعليم کي ختم ڪرڻ جي شازش جيڪا ڪڏهن ڪرونا وائرس جي صورت ۾ ته ڪڏهن قبائلي جهيڙن جي  ڪري  سنڌ جي ڳوٺڻ ۾ خاص تعليم  پهچي ناهي سگهي ،  ڪڙو سچ اهو به آهي ، پر  جيڪڏهن مان پير سيد فرزند علي شاه جيلاني ٻن ڏهائين کان وٺي سنڌ اندر وڏي سازش تحت قبائلي جهيڙا ڪرائي سنڌ کي تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي , سنڌ جي وسيلن تي قبضن , بحريه ٽائون خاص سنڌ جي سرزمين تي ڌاريا آبادگاري تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃين ,سنڌ جي پاڪ ڌرتي تي افغانين پٺآڻن غير ملڪين کي شناختي ڪآرڊ ٺاهي ڏيئي خاص سنڌ م آباد ڪيو پيو وڃي جنهن جي اسا  سنڌ ڌرتي جا وارث شديد مذمت ڪيون ٿا اهڙن خيالن جو اظهار سٽي پريس ڪلب لائيو سيشن ۾ پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل صوبه سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سماجي رهنما پير سيد فرزند علي شاه جيلاني , روزاني وفاء سنڌ ڪراچي جي ايڊيٽر مشتاق احمد ميراڻي سخت زبان استعمال ڪندي اهو چيو ته سنڌ جي وسيلن تي جيڪي به قبصا ٿي رهيا آهن يا سنڌ جي عوام سان جيڪي به زيادتي ,  ڪراچي پريس ڪلب ميمبر راهب ڳاهو روزاني وچن حيدرآباد جي چيف ايڊيٽر حاڪم ڀٽي سنڌو, سنڌ جي ليکڪا ڪهاڻيڪار شاعره ادي صنم ڀنڀرو سنڌو , سنڌي ادبي سنگت اڳواڻ سماجي رهنما محمد رمضان عباسي, انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ جي مرڪزي چيئرمين سيد زوار شاه صوبائي صدر فقير محمد عباسي صحافي سماجي رهنما اسد علي وساڻ , صحآفي  علي امداد , فقير آباد جي صدر شهزور  حاڪم , جي ايم ڀٽي وجود علي ڀيلار , صحافي نجيب علي جوڻو ۽ ٻين ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام هاڻ به وڏي تڪليف مان گذري رهيو آھي جڏھن ته سنڌ اندر پيدا ٿيل صورت حال تي ڪڙي نظر رکي مسئلن جي حل لاء ڪوشان رهون ٿا , قبائلي جهيڙا ٿيڻ سان سنڌ جي شعور مٿان به حملو سمجهيو وڃي ٿو , جڏھن ته انسان ذات جي   هر ڏکئي وقت ۾  خدمت ڪندڙ ئي خدا پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪندا آھن برسات هجي طوفان هجي ڪو حادثو هجي يا ڪو بکيو هجي ان جي سهاتا ڪرڻ سان گڏ هر قسم جي مدد ڪيون ٿا برحال هٿ سان  قبائلي جهيڙا  خاص سنڌ سان درپيش تمام مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ وڏي سازش آھي برحال سنڌ وڏي تڪليفن ۾ آهي ، جڏهن ته سنڌ اندر  خاص قبائلي جهيڙا ان وقت ٿيا آهن جڏهن سنڌ ۾  ملڪ رياض ، بحڙيه تائون خلاف سنڌ سراپا احتجاج به آهي ته  وڙهڻ لاء به تيار اهي عوام گهر ڇڏي پنهنجي ملڪيت جو دفاغ ڪرڻ جون تياريون پڻ ڪري رهيو آهي ،مان سمجهان ٿو ته هي وڏي سازش آهي جنهن کي به نظر ۾ رکڻو آهي جڏهن ته سنڌ ڌرتي جي وارثن خلاف به وٺ پڪڙ سان گڏ انهن سان وڏين وڏين زيادتيون ٿي رهيون آهن ،  انتهائي خطرناڪ واقعو جيڪو راڻيپور ۾ پيش آيو هڪ معتبر سنڌ پرست ڊاڪٽر نظير کوکر مٿان  ٽائون ملازمن اچانڪ حملو ڪري ڏنو جنهن بعد نه صرف راڻيپور جي پسگردائي پر سنڌ ڀر کان قوم پرست سماجي رهنما ڪارڪن  راڻيپور ٽول پلازه پڻ پهتا جتي ڳالهيون ٿيون جيڪي منهنجي نظر ۾ ته ناڪام ٿيون پر عوامي پريشر بعد سوشل ميڊيا جي ڪوريج بعد ڌرڻو ته ختم ڪيو ويو پر پوليس  ٽول پلازه راڻيپور جي ٻن ڄڻن تي اين سي داخل ڪئي آهي ، هي اهي واقعه آهن جو هٿ سان انهن مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي سازش به ٿي سگهي ٿي ،  مان ته اڪثر اهو به ڏٺو آهي ته سنڌ م به قانون غريب لاء هڪ ته امير لاء ٻيو نظر اچي رهيو آهي ، جڏهن ته سنڌ جي آدمشماري جي انگ اکرن تي نظر رکنداسين ته وڏي سازش جي بوء ايندي ، سازش ڪير ڪري رهيا آهن اسان ڪردار ادا  ڪهڙو ڪري رهيا آهيون ڇا تعليم ڏانهن اسان جو ڌيان آهي نه نه نه مان عرض ڪيان ته هن وقت سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي اليڪشن جي به راهموار ڪئي پئي وڃي جنهن سان ڪيترائي قتل ٿيندا ڪيترائي ٻڌرائيا ويندا ڪيترائي گرفتار ٿيندا ڪي زمينون وڪڻندا ڪي جيل ۾ ته ڪي ريل ۾  ، برحال ائين وقت گذرندو رهندو اسان ۾ الله سائين شعور جي روشني ڏيئي تاڪه گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ڌرتي ، سنڌ جي عوام مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف ته گڏجي آواز اٿاري سگهون ، جيڪو مونکي نظر نه ٿو اچي ، جڏهن ته فقير محمد عباسي ، انور ناريجو علي امداد لاڙڪ ، نجيب علي اسد علي وساڻ  آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سنڌ سان يٿندڙ زيادتين قبائلي جهيڙن بابت آگاهي ڏني ،  مان سمجهان ٿو ته سنڌ کي هٿ سان قبائلي جهيڙن م ڦاسائي سنڌ جي زمينن سنڌ جي  وسيلن جا به فيصله ٿيندي ڏسان ٿو ،جڏهن ته مان عرض ڪندس ته  سنڌ جي بيباڪ بهادر قلم ڪار ايڊيٽر مشتاق احمد ميراڻي جي دلچسپ ڳالهه ته  جڏهن به ڪو منٿ ميڙ جو قافلو ڪنهن ذات واري وڏيري ڏانهن وينداسين ته ان ۾ به  ڦوٽ وجهي ويندي جيئن منٿ ميڙ  قافلو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿئي مان  هاڻ به  هي وڏي سازس ٿو سمجهان جنهن خلاف به گڏجي جنگ وڙهڻ گهرجي تاڪه ٻيهر ڪو وري اهڙي سازش نه ڪري سگهي ، جيڪڏهن هن وقت به تعليم حاصل ڪرڻ م ڪوتاهي ڪئي ته پوء ڪنهن سان شڪايت به نه ڪري سگهنداسين                                                    

پهنجو تبصرو موڪليو