قائد عوام جوسوشلزم وارو تصور ۽ سندس شهادت

قائد عوام جوسوشلزم وارو تصور ۽ سندس شهادت

تحرير پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

زيڊ اي ڀٽو شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. هو جيڪو ديس جو اهڙو جادو جنتر هو جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو.لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني ،ڪن موت جي ڦاهيءَ کي چميو ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو.اها انهن ڪارڪنن همدردن ۽ ووٽرن جي قربانين جو نتيجو هيو ته وقت جا وڏا وڏا رئيس، ڀوتار، پير، مير ،نواب پيپلزپارٽي جي حمايت يافته اميدوار ن کان کٽڻ ۾ ناڪام ويا سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيپلزپارٽي عوامي پارٽي طور ٻيهر اڀري محترمه بينظير ڀٽو کي وزارت عظميٰ جي تخت تي ويهاري اهو ثابت ڪرايو ته عوام جي طاقت اڳيان سموريون طاقتون بيڪار بي معنيٰ جي مثل آهن. 5جنوري 1928 ۾  مٺن زيتونن جي سرسبز باغن جي وچ ۾ اک کوليندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي تعليم ۽ سياسي تربيت جو آغاز ڪجهه اهڙي طرح ٿي ته المرتضيٰ هائوس جي فضا ۾ ان کي ٻڌايو ويو ته ڊڄڻو صرف خدا جي ذات کان آهي باقي دنيا جي فرعونن ۽ نمرودن سان وڙهي عوام جا حق بازياب ڪرائڻا آهن. سنڌ، ڪئليفورنيا يونيورسٽي ، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ۽ لنڪنز انورڊ ۾ بارسٽر جي حيثيت سان تربيت حاصل ڪندڙ  ڀٽي صاحب ننڍي عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. اسلام ۽ اولهه مان ڄاڻ حاصل ڪئي. هن سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقي تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو. وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. ايستائين جو هن ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند شهرين ۾ ريڊيو ورهايا ته جيئن هو هر وقت قومي معاملن کان باخبر رهي سگهن.ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ملڪي وحدت جو مرڪزي نقطو آهي پر هن مملڪت خداداد پاڪستان جي ضمانت به آهي. پوءِ به جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي ذهين ترين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقي طرف وٺي وڃي رهيو هو. جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادري وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌي طرف توجه ڏني. فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪنهن فرق ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري اٿيو. ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. عالمي سطح جي هر محاذ تي جنگ وڙهي مظلوم عوام کي رليف ڏنو. هُو هيو ئي ذوالفقار! جهالت ۽ گمراهي جي وچ ۾ ٽپي پيو، هر جڳهه تي حب الوطني، روشن خيالي ۽ ترقي پسندي کي عام ڪيو. هن ڪيترن ئي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هن اصل ۾ ڪجهه گهرن جي حاڪميت کي ختم ڪري هڪ اهڙو خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ چاهيو جنهن ۾ رياست عوام جي سمورن حق جي حفاظت جي ضمانت ڏئي سگهي. ان لاءِ ايوانن کي عزت ۽ وقار کي مرڪز بڻائي ڇڏيو. ملڪي تاريخ جي نشيب و فراز ۾ عالمي طاقتن جي رسا ڪشي ڪنهن کي ڳجهي ناهي ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ بدترين خون خرابي جي شروعات افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي آمد ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ايران اندر شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ اسلامي انقلاب ڪاميابي ماڻي. ان کانپوءِ مرحلن جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. ٿورو ماضي طرف وڃو جڏهن شهيد ڀٽو ڊالر جي پوڄارين، مذهب پرستن، رجعت پسندن ۽ درهم ۽ ريال جي غلامن کي للڪاريو. اهل عرب کي تيل جي صحيح استعمال جي دعوت ڏني. انهي دوران مفادن جي جنگ ۾ هڪ وڏي طاغوتي طاقت کي (شيطان بزرگ) سڏيو ويو. شهيد ڀٽو هر ڀيري پنهنجي قوم کي خبردار ڪيو. عالمي طاقتن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هيو ته پاڪستان اندر ذوالفقار علي ڀٽو جيستائين زنده آهي تيستائين هو پنهنجي عالمي مفادن کي حاصل نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري انهن فوجي جنتا ذريعي جمهوريت کي ختم ڪيو ۽ تاريخ جي هڪ ذلت ڀري فيصلي ۾ ان کي ڦاهي تي لٽڪا ويو. 1979ع جي اها ٻُٽ، اها گرمي، اهو ٻوسٽ، اهو ڊڪٽيٽر اها طاقت اسان کي ياد آهي جنهن ملڪي معيشت کي پامال، منشيات ۽ نسل پرستي کي عام ڪيو. پاڪستان قومي معيشت جي 28 سالن جو زوال انهن بدترين واقعن تي ٻڌل هيو. عظيم آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شروعات ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت سان ٿي. شهادت کانپوءِ سڄو ملڪ سراپا احتجاج بڻجي ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي تي لڙڪايو ويو. هي تاريخ جو بدترين عدالتي قتل هو. پر اڳتي هلي تاريخ هڪ ٻئي گواهي ڏني. جڏهن 1988ع ۾ايشيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر پنهنجي انجام تي پهتو ۽ ائين ٿيو جو آسماني ڪتاب جو اهو فيصلو سچ ثابت ٿيو ته زمين جي خدائن جو انجام اهو ئي ٿيندو آهي. ان سانحي کانپوءِ شهيد جي ڌيءُ عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ڪري 1988ع ۾ اقتدار ۾اچي وئي. پر ظالمن، قاتلن، وحشين، درندن ان کي به قبول نه ڪيو ۽ انهي سوچ 27 ڊسمبر 2007 تي هن کي به سر عام شهيد ڪيو ويو. انهي دوران مان شهيد ڀٽو جي ٻن پٽن کي به عوام کان الڳ ڪيو ويو هو. ظاهري طور تي عالمي ڦورن ۽ انهن جي مقامي زرخريد ايجنٽ ان خودفريبي ڪئي ته اهي هاڻي خاموشي سان پاڪستان جي وسيلن کي لٽيندا ۽ ڦريندا رهندا. پر هاڻي شهيد بنت شهيد جو شهزادو بلاو ڀٽو ظالمن سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلو ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي امڙ جي قول کي سچو ثابت ڪري ڇڏيو، ته جمهوريت ئي اصل بدلو آهي. شهادتن جي ان ڊگهي داستان جو مرڪز، محور اصل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو آهي. جنهن جي جانثاري جي ڪري ادارن جو قيام عمل ۾ آڻي اهو چيو ته محب وطن عوام ۽ باشعور شهري ئي هن ملڪ کي هلائيندا ۽ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جا سازشي ڄار ڇڄي پوندا.اڄ وطن کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي شخصيت، ۽ ان جي نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي ۽ شامي ۽ ڪوفي حڪومت جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها. ذلفي هڪ نظريي، هڪ مشن، هڪ حسين جذبي، هڪ جهد مسلسل، ۽ روايت ٽوڙيندڙ هڪ عزم جو نالو آهي،روٽي ڪپڙا اور مڪان” هن جو نعرو هو ۽ هن عوام کي طاقت جو سرچشمو ، سوشلزم کي معيشت ۽ جمهوريت کي منزل ڪوٺيندي اسلام کي پنهنجو عظيم دين قرار ڏنو ۽ چيو ته، مونسين هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.هُو مختلف شڪلين ۾ زندهه آهي، اڄ به ملڪ ان مشن ان قوت ۽ ان ئي عزم جو خواهشمند آهي، اهوفڪر ۽ عمل جيڪو معاشري جي صورت تبديل ڪري ڇڏيندو، ۽ سمورن آمرن، لٽيرن غيرن جي ايجنٽن ۽ عوام دشمن طبقن کان نجات حاصل ڪري وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو