قائداعظم محمد علي جناح جو 145جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي

قائداعظم محمد علي جناح جو 145جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو145 جنم ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.قائداعظم محمد علي جناح جي اڄ 145 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي پروقار تقريبن، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرن ۽ بحث مباحثن جو بندوبست ڪيو ويندو، وفاقي ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ٿي جڏهن ته ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي.باباءِ قوم 25 ڊسمبر 1876 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هو 1913 دوران مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ٻه قومي نظريي تحت انگريزن کان آزادي ۽ هندن کان الڳ وطن جي جدوجهد شروع ڪئي، هن جي جدوجهد رنگ لاتو، 14 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ هو ان ملڪ جو پهريون گورنر جنرل ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو