فيلڊ مارشل جي سي آءِ اي ۽ موساد سان ملاقات جي ترديد

فيلڊ مارشل جي سي آءِ اي ۽ موساد سان ملاقات جي ترديد

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جي اطلاعات واري وزارت فيلڊ مارشل عاصم منير جي سي آءِ اي ۽ موساد جي نمائندن سان ملاقات ۽ غزه م 20 هزار پاڪستاني فوجي تعينات ڪرڻ جي خبر کي مڪمل گهڙيل ڪهاڻي سڏيندي ان جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها ڀارتي پروپيگنڊا آهي. ڀارت جي فرسٽ پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ سي اين اين نيوز 18 جي رپورٽ (جنهن جو لنڪ بعد ۾ نه پيو کلي)جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته فيلڊ مارشل جي سي آءِ اي ۽ موساد جي نمائندن سان ملاقات ٿي آهي، پاڪستان 20 هزار فوجي غزا ۾ تعينات ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جيڪي حماس کي بي هٿيار ڪندا ۽ اسرائيلي فوج سان ليازان ڪندا. رپورٽ ۾ اها به دعوا ڪئي وئي آهي ته ان جي بدلي اسرائيل ۽ آمريڪا، پاڪستان کي عالمي بئنڪ کان آسان شرطن تي قرض ڏياريندا، قرضن جي واپسي لاءِ اضافي وقت وٺي ڏيندا ۽ ٻيون مالي مدد لاءِ سهولتون فراهم ڪندا. نيوز رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج کي غزه ۽ اسرائيل جي وچ ۾ بفر فورس طور ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪا سڪيورٽي فراهم ڪندي ۽ ٻيهر تعمير ۽ اداري جي جوڙجڪ ۾ مدد ڪندي. اها خبر پکڙجڻ کان پوءِ، سياستدانن ۽ صحافين سوشل ميڊيا تي سخت خدشا ظاهر ڪندي تنقيد شروع ڪئي. جنهن بعد وزارت اطلاعات پاران ترديد جاري ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرن جي آهي ته هن حساس معاملي تي فوج يا فارين آفيس جي ترجمانن بدران اطلاعات کاتي بيان جاري ڪيو آهي. اطلاعات کاتي جو چوڻ آهي ته اها خبر مڪمل طور تي ڪوڙ آهي. پاڪستان جي قيادت، CIA يا موساد جي وچ ۾ ڪڏهن به اهڙيون ڪي به ملاقاتون، مفاهمتون يا معاهدا نه ٿيا آهن.” وزارت وڌيڪ چيو ته “پاڪستان اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري، ان سان ڪو سفارتي يا فوجي لاڳاپو ناهي، ۽ فلسطين جي خوداراديت جي حمايت تي هڪ واضح اصولي موقف رکي ٿو.” بيان ۾ وضاحت ڪئي وئي ته پاڪستاني فوج جي ميڊيا ونگ سميت ڪنهن به معتبر پاڪستاني يا بين الاقوامي ذريعي غزه ۾ فوجي موڪلڻ بابت ڪو به پلان جاري يا تصديق نه ڪيو آهي. اطلاعات واري وزارت سي اين اين نيوز 18 کي اهڙو ميڊيا ادارو قرار ڏنو جنهن جو “پاڪستان مخالف غلط ڄاڻ ڏيڻ جو هڪ ڊگهو تاريخي رڪارڊ” آهي. سڄي ڪهاڻي “پروپيگنڊا تي ٻڌل ڪوڙ آهي” جنهن جو ڪو به حقيقتي بنياد ناهي. وزارت واضح ڪيو ته پاڪستان نه ته غزه فوج موڪلڻ جي ڪا تجويز ڏني، نه اتفاق ڪيو ۽ نه ئي اهڙي ڳالهه تي بحث ٿيو آهي. اسلام آباد جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ممڪنه شرڪت اخلاقي ذميواري ۽ سفارتي ضرورت ٻنهي جي نتيجي ۾ آهي. هنن ياد ڏياريو ته پاڪستان 2024 جي آخر ۾ تيار ڪيل اٺ ملڪن جي امن تجويز جو حصو هو، جنهن جي بنياد تي آمريڪا جي سهڪار سان غزه امن منصوبو هن مهيني مڪمل ٿيو. پاڪستان اقوام متحده جي امن مشنز ۾ دنيا جو وڏو شراڪت دار رهيو آهي، جنهن ۾ 2 لک کان وڌيڪ اهلڪار 40 کان وڌيڪ آپريشنن ۾ آفريڪا، ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. اختيارين چيو ته هي تجربو پاڪستاني فوج کي جنگ کانپوءِ غير مستحڪم حالتن کي سنڀالڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو ۽ ISF جي اعتبار ۽ قانوني حيثيت کي مضبوط ڪري ٿو. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته غزه جي استحڪام واري فورس ۾ شامل ٿيڻ سان پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿا.
اسلام آباد ۽ واشنگٽن جا لاڳاپا صدر ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ آهستي آهستي بحال ٿي رهيا آهن، ۽ هي قدم اقتصادي، دفاعي ۽ علائقائي سهڪار جا نوان رستا کولڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اختيارين خبردار ڪيو ته فوج موڪلڻ جو قانوني فريم ورڪ اڃا واضح ناهي. “اسان چاهيون ٿا ته هي تعيناتي اقوام متحده جي مينڊيٽ هيٺ ٿئي.”
راڻا ثناءُالله جو بيان
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج کي غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، ته “ان کان بهتر ڪا ڳالهه نه ٿي سگهي ٿي فلسطيني ماڻهن کي بچائڻ لاءِ.” بهرحال، هن واضح ڪيو ته هي سندس ذاتي راءِ آهي ۽ کيس اها ڄاڻ ناهي ته اهڙي ڪا سرڪاري آڇ يا تجويز واقعي ڏني وئي آهي يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو