فيفا ورلڊ ڪپ: اسپين ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

فيفا ورلڊ ڪپ: اسپين ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ اسپين يوروگوئي کي 0-1 تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو،گروپ ايڇ (H) جي ميچ ۾ اسپين جي طرفان واحد گول مارڪوس لورينتي 42 هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو.گروپ ايڇ جي ٻئي ميچ ۾ سعودي عرب ۽ ڪيپ وردي جي وچ ۾ مقابلو ڊرا ٿي ويو، ٻئي ٽيمون مقرر وقت ۾ ڪو به گول اسڪور نه ڪري سگهيون. گروپ ايڇ مان اسپين ۽ ڪيپ وردي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. گروپ ايڇ ۾ اسپين 7 پوائنٽن سان گڏ پهرين، ڪيپ وردي 3 پوائنٽن سان گڏ ٻئي ۽ يوروگوئي 2 پوائنٽن سان گڏ ٽئين نمبر تي رهيا. سعودي عرب جي ٽيم 2 پوائنٽن سان گڏ آخري نمبر تي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو