ڪراچي(شوبزنيوز)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي به مسجد نبوي ۾ ٿيل تازي واقعي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيصل قريشي چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي روضي مبارڪ جي ويجهو مسجد نبوي ۾ گستاخي ۽ ورهاڱي جي سخت مذمت ڪريان ٿو.هن چيو ته اهو ڪهڙو سياسي فرق آهي جو حضور اڪرم (ص) جي حرمت جو احترام نه ڪيو ويو.اداڪار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ قرآن پاڪ جون آيتون لکيون ۽ وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي هدايت ڏئي، آمين.










