فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) فيصل آباد مان 30 ڪيسن ۾ گهربل انساني اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلر طاهر نديم خلاف ايف آءِ اي فيصل آباد سرڪل ۾ 14 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ فراڊ جا 16 ڪيس داخل آهن، جوابدار جعلسازي ۽ پرڏيهي ملازمت جي نالي تي ڪيترن ئي شهرين کان ڪروڙين رپيا ڦر ڪري چڪو آهي.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار غير قانوني طور شهرين کي يورپ، ڪئناڊا، جاپان ۽ ٻين ملڪن موڪلڻ ۾ ملوث آهي.ايف آءِ اي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته جوابدار کي 6 ڪيسن ۾ عدالت کان مفرور به قرار ڏنو ويو آهي.










