دادو(ن س) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري ٻڌڻي دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ ڄاڻايل سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ڪيس جي پوئواري ڪندڙ ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جو فاضل جج حافظ عطاءُلله شيخ موجود هو ٻڌڻي (اڄ) 13 مئي 2023 تائين ملتوي ڪئي وئي ٻڌڻي دوران پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ پ پ پ ايم پي اي نواب برهان خان چانڊيو سميت قتل ڪيس جا سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ام رباب چانڊيو ٻڌڻي بعد ڪورٽ جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن قتل ڪيس ۾ عدالت جي فيصلي جي انتظار ۾ آهيون مون کي انصاف ضرور ملندو ڇاڪاڻ ته منهنجي گهر جا 3 ڀاتي جنهن ۾ منهنجو والد، ڏاڏو ۽ چاچو قتل ڪيا ويا آهن عدالتن ۾ 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس کي گذريل 5 سالن کان منهن ڏئي رهي آهيان.










