اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ته ڪو مسئلو ناهي.وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌو سنئون حملو آهي، فوج سخت لفظن ۾ چيو آهي ته هو سياست کان پري رهڻ چاهين ٿا.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي طرز سياست جي ڪنهن به جمهوريت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پي ٽي آءِ جيڪڏهن پنهنجو رويو بدلائي قوم ۽ ادارن کان معافي وٺي ته قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهي ٿي.وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن 9 مئي آمريڪا ۾ ٿئي ها ته پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها. آمريڪي ڪانگريس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پي ٽي آءِ ادارن کان معافي گهري قومي سياست جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته موجوده طرز سياست سان پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي ڪا به گنجائش ناهي، ادارا جڏهن سمجهندا ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندا، رڳو حڪومت جي مرضي تي پارٽي تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پابندي لاءِ حڪومت کي سپريم ڪورٽ کان منظوري وٺڻي آهي، پابندي جو فيصلو پرڏيهه ۾ مهم هلائڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ سياسي جنگ کي آمريڪا جي ايوان ۾ وٺي وئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ رياست جي مفادن تي سڌو حملو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي آئين ۽ قانون موجب هوندي، حڪومت پابندي لڳائڻ لاءِ ڪو به ظالماڻو ۽ غير جمهوري قدم نه کڻندي.رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان فوج کي ٻڌائي ته ڪهڙي ڳالهه تي ڳالهيون ڪيون وڃن، عمران خان فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان اعتراف ڪري ٿو ته جي ايڇ ڪيو ۾ احتجاج سندس پلان هو، عمران خان جو سياست جو انداز تضادن سان ڀريل آهي، عمران خان هڪ طرف سول بالادستي کي دعوت ڏئي ٿو ته ٻئي طرف فوجي مداخلت کي به دعوت ڏئي ٿو.احسن اقبال چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کيس گهوڙي تي سوار ڪري وزيراعظم هائوس وٺي وڃي، حڪومت کي فوج ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي پرواهه نه ٿيڻ گهرجي، فوج کي سياست ۾ نه اچڻ گهرجي.هن چيو ته فوج پاڻ کي سياست کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن عدليه عدم استحڪام آڻيندي ته اها پاڪستان جي خدمت ناهي ڪندي، ملڪ هن وقت ڇڪتاڻ جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي.










