فوج جي ڀرتي ٽيم جو شهيد بينظيرآباد لاءِ شيڊول جاري

فوج جي ڀرتي ٽيم جو شهيد بينظيرآباد لاءِ شيڊول جاري

نوابشاھ(رپورٽ: اي ڪي ڏاھري) پاڪستان آرمي ڀرتي مرڪز حيدرآباد پاران ضلعي شھيد بينظيرآباد جي نوجوانن جي آگاهي لاءِ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان آرمي ڀرتي مرڪز حيدرآباد جي ٽيم  پاڪ فوج ۾بطور سپاهي جي ڀرتي لاءِ پھرين سيپٽمبر کان 4 سيپٽيمبر تائين ضلع شهيد بينظيرآباد جي چئن تعلقن ۾ موجود هونندي. پاڪ فوج جي ٽيم پھرين سيپٽمبر تي ٽائون ڪميٽي قاضي احمد، 2 سيپٽمبر تي ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ، 3 سيپٽمبر تي ٽائون ڪميٽي دوڙ جڏهن ته 4 سيپٽمبر تي ميونسپل ڪميٽي نوابشاھ ۾ موجود هوندي. اهي خواهشمند نوجوان جن جي عمر ساڍا 17 کان 25 سال، تعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ پاس،ڇاتي 78 کان 83 سينٽي ميٽر، قد 5 فٽ 6 انچ هجي اهي پنهنجو ۽ والد جو اصل شناختي ڪارڊ يا (بي فارم پنهنجو) ، ڊوميسائيل پي آر سي،ميٽرڪ يا انٽر جي مارڪ شيٽ، اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ يا ميٽرڪ جو پڪو سرٽيفڪيٽ، 4 عدد پاسپورٽ سائيز تصويرون سان گڏکڻي اچن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو