لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فوجي عدالت جي ڪارروائي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ حسن نيازي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جسٽس سيد شهباز علي رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 16 سيپٽمبر تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. عدالت رجسٽرار آفيس جي اعتراضن تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. رجسٽرار آفيس موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪمانڊنگ آفيسر جي تصديق ٿيل حڪم جي ڪاپي درخواست سان شامل نه ڪئي وئي ۽ لاڳاپيل فورم سان صلاح نه ڪئي وئي.










