فوتي ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻي جواحتجاج

فوتي ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻي جواحتجاج

ڊرگھ بالا (ن سنڌيار)ڊرگھ بالا شهر کچي مُحلي جي رهواسي نوجوان عبدالغفار کچي سندس گهر واري ۽ ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب ڊرگھ بالا ۾ احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو والد مرحوم غلام علي کچي جيڪو سن 2012 ۾ فوت ٿي ويو ۽ ھُو ڊرگھ بالا هيلٿ سينٽر تي چوڪيدار طور ملازم هو انجي وفات کانپوء هن وقت تائين اها وئڪنسي خالي پيل آهي سنڌ ڪابينا ۽ وزير اعلي سنڌ طرفان فوتي ڪوٽا جو آرڊر پڻ جاري ڪيو آهي پر اڃا تائين ان آرڊر تي ڪوبه عمل ناهي ٿي سگهيو, مان پڙھيل لکيل بيروزگار آهيان مهانگائي سبب گهر جو گذر سفر انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي ان موقعي تي هن ڊي ايڇ او دادو, ڊي سي دادو سيڪريٽري صحت ۽ وزير اعلي سنڌ کي اپيل ڪئي ته فوتي ڪوٽا واري سرڪاري حڪم تي عمل ڪندي مرحوم بابا جي خالي پيل جڳھ تي سرڪاري نوڪري جو آرڊر ڏئي بيروزگاري ۽ پريشانين کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو