فواد ۽ قريشي خلاف ڪيس داخل

فواد ۽ قريشي خلاف ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي خلاف بغاوت ۽ اشتعال انگيز تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.لاهور پوليس جي سب انسپيڪٽر وسيم طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود ۽ فواد چوڌري زمان پارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران ڪينال روڊ بلاڪ ڪيو ويو.ايف آءِ آر جي متن موجب فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي ملڪ دشمني ۽ اشتعال انگيز تقريرون ڪيون، فواد چوڌري عوام کي حڪومت پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف ڀڙڪايو، فواد چوڌري عوامي روڊ تي ٽريفڪ کي متاثر ڪري ڏوهه ڪيو، فواد چوڌري رياستي ايجنسين تي قتل جي منصوبابندي جو پڻ الزام آهي.ڪيس ۾ روڊ بلاڪ، ڌمڪيون ۽ اشتعال انگيز تقريرون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو