اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.جهلم ۾ تعميراتي منصوبن ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.وڪيل عامر عباس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، مصروف ڏينهن آهي، نيب پراسيڪيوٽر فواد چوڌري کي هاڻي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيڻ گهرجن.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فواد چوڌري خلاف ڪيس انڪوائري جي مرحلي ۾ آهي، ريفرنس اڃا ڊسچارج ناهي ٿيو، جاچ آفيسر کان ريفرنس جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، اهو هلي رهيو آهي.










