اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جهلم ۾ تعميراتي منصوبن ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ فواد چوڌري کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير فواد چوڌري جي خلاف جهلم ۾ تعميراتي منصوبن ۾ ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جج محمد بشير کان پڇيو ته ٻڌو آهي ته اوهان جي طبيعت خراب ٿي وئي هئي؟ هاڻ ڪيئن آهيو؟ اخبار ۾ ته ڪافي ڪجهه لکيل هو.جنهن تي جج محمد بشير چيو ته منهنجي طبيعت صحيح آهي. اخبار وارا خبرون ٺاهي ڇڏيندا آهن. ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي عدالت کي درخواست ڪئي فواد چوڌري اڳوڻو وفاقي وزير ۽ وڪيل به آهي جيل ۾ ئي کيس بي ڪلاس ڏني وڃي. جنهن تي جج محمد بشير چيو ته مان فواد چوڌري جي لاءِ جيل ۾ بي ڪلاس جو لکي ٿو ڇڏيان ان دوران فواد چوڌري طرفان ضمانت جي درخواست به داخل ڪئي وئي.احتساب عدالت فواد چوڌري جي ضمانت واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي پهرين فيبروري تي دليل طلب ڪري ورتا. جڏهن ته اڳوڻي وزير کي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو.










