فواد ٿيندو ڪير آهي جو سنڌ کان حساب وٺي، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته فواد چوڌري سياسي قد وڌائڻ جي لاءِ زرداري خاندان تي تنقيد ڪري رهيو آهي، مراد علي شاهه جي صلاحيتن کان وفاق نه رڳو پريشان پر ڊنل به آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري، مراد علي شاهه خلاف سازشون ڪري رهيو آهي اسان کي خبر آهي، فوادي چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي ناصر شاهه چيو آهي ته آصف زرداري خلاف ڳالهائي فواد چوڌري پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيو آهي، فواد چوڌري سنڌ حڪومت کان اين ايف سي تحت ڏنل فنڊز جو حساب وٺڻ جو حق نٿو رکي، وفاق ارسا کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، فواد چوڌري چشمه جهلم ڪئنال کولڻ جو جواب ڏئي، فواد سنڌ حڪومت کان اين ايف سي تحت ڏنل فنڊز جو حساب وٺڻ جو حق نٿو رکي، هي سنڌ اسيمبلي کي حق آهي ته هو سنڌ حڪومت کان پائي پائي جو حساب وٺي ۽ هي حساب سنڌ حڪومت اسيمبلي ۾ڏيندي آهي، ناصر شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي وزير شايد رٻڙ اسٽيمپ پنهنجي سليڪٽڊ وزيراعظم کي چئي رهيو هو، هي پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ چاهي ٿو، فواد پنجاب جي وڏي وزير خلاف سازشون ڪندو آهي اهي سڀ ڄاڻن ٿا. هن چيو آهي ته پاڻي جي نگراڻي ڪرڻ منصفاڻي ورڇ ڪرڻ ارسا جو ڪم آهي،وفاقي حڪومت ارسا کي ڪم ڪرڻ ڏي ۽ ان جي مامرن مداخلت ڪرڻ بند ڪري، هن چيو آهي ته فواد چوڌري سنڌ جي نگراني جو خواب ڏسڻ بند ڪري، وفاقي حڪومت جيڪي فنڊز پنهنجي سنڌ جي ايم پي ايز کي ڏنا ان جو حساب ڏيو، وفاقي حڪومت هاڻي سنڌ سنئون پنهنجي ايم پي ايز جي ذريعي يونين ڪائونلس ۾ ڪم ڪرائي ڪرپشن ڪري رهي آهي، هن ڪرپشن جو حساب وفاقي حڪومت کي ڏيڻو پوندو. هن چيو آهي ته فواد چوڌري پنهنجي پهرين دور ۾ اطلاعات جي وزارت ۾ ميڊيا هائوسز کي تباهه ڪيو، هن جو ڪردار صحافت جو ڳلو دٻائڻ وارن وزيرن ۾ لکيو ويندو، فواد کي ملڪ جي ميڊيا انڊسٽري ۽ ورڪز کي هن جو حساب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو