فواد عالم قومي ٽيسٽ اسڪواڊ کي جوائن ڪري ورتو

فواد عالم قومي ٽيسٽ اسڪواڊ کي جوائن ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر فواد عالم اسلام آباد ۾ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي.قومي ٽيسٽ اسڪواڊ اڄ پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ميچ کيڏندي.قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو پريڪٽس ڪيمپ پهرين جولاءِ تائين پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري رهندو.واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم 6 جولاءِ تي سريلنڪا رواني ٿيندي، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 16 جولاءِ کان گال ۾ شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 24 جولاءِ تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو