فني خرابي دور، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال

فني خرابي دور، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي سڀ کان وڏي انٽرنيٽ ۽ لينڊ لائين ٽيليفون سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني پي ٽي سي ايل جي نظام ۾ فني خرابي سبب ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس سخت متاثر ٿي آهي. پي ٽي سي ايل جي ترجمان عامر پاشا فني خرابي جو اقرار ڪندي چيو آهي ته سندن ٽيڪنيڪل ٽيمون خرابي دور ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيون آهن. رات ساڍي ڏهين وڳي بعد جاري ڪيل بيان م ترجمان سڄي ملڪ م انتنيٽ سروس مڪمل طور بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي. پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ انٽرنيٽ صارف پي ٽي سي ايل جي سروس استعمال ڪن ٿا. ڪجهه نجي انترنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون پڻ پي ٽي سي ايل جو براڊ بينڊ استعمال ڪنديون آهن. پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ 15 لک آهي جنهن جي 45.7 سيڪڙو آبادي يعني 11 ڪروڙ 10 لک آبادي کي انٽرنيٽ تائين رسائي حاصل آهي. جنهن جو 70 سيڪڙو پي ٽي سي ايل سروس استعمال ڪندڙ آهن. ملڪ جي 73 سيڪڙو شهرين جزوي ۽ 23 سيڪڙو شهرين مڪمل طور انٽرنيٽ سروس ڪٽيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو