فلسطين جي بن رياستن جي حل لاءِ ٺهراءُ اڪثريت سان منظور

فلسطين جي بن رياستن جي حل لاءِ ٺهراءُ اڪثريت سان منظور

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطين جي مسئلي جي ٻن رياستن جي حل لاءِ هڪ قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪئي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جمعي تي فرانس ۽ سعودي عرب پاران پيش ڪيل فلسطين جي مسئلي جي ٻن رياستن جي حل لاءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي.قرارداد کي 142 ملڪن جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، جنهن جي خلاف 10 ووٽ پيا. آمريڪا ۽ اسرائيل سميت ٻارهن ملڪن ووٽنگ کان پاسو ڪيو.عرب ميڊيا موجب، 7 صفحن تي ٻڌل گڏيل قومن جو اعلان جولاءِ ۾ سعودي عرب ۽ فرانس پاران منعقد ڪيل هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس جو نتيجو آهي.ٻئي طرف، اسرائيل ٻن رياستن جي حل تي گڏيل قومن جي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو