مير نادر علي ابڙو
جمن دربدر تاريخ جو لازوال ڪردار هو، جنهن جون خدمتون اسان وچ ۾ ورهين تائين پيون ڳائبيون، هو پنهنجي پاڻ ۾ ڪيئي روپ ڪهاڻيون سجائي تاريخ جي اهڙي پار هليو ويو آهي جتان ڪنهن موٽ ناهي کاڌي هن جي اوچتي وڇوڙي ڪري سنڌ جي ڌرتي جا پيارا ماڻهو اداس آهن. انهي لاءِ جو انهن سان محبتون اوريندڙ انسان اڄ ناهي رهيو هڪ ياد بڻجي ويو آهي جنهن جي يادن کي هر ڪوئي ساري پيو سندن جا ڪم ڪالهه وانگي اڄ به ماڻهو ياد ڪري رهيا آهن هو تاريخ جو اهڙو ستارو هو جيڪو ورهين تائين وڏي ڳاٽ کان جرڪندو رهندو، سندن جون خدمتون پيون ڳائبيون. سن 2001 ڌاري جڏهن منهنجي پوسٽنگ بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن پوليس عمرڪوٽ ٿي ته انهي وقت ۾ عمرڪوٽ واحد ضلعو هو جنهن جي اينٽي ڪرپشن ڪالوني ۽ پوليس اسٽيشن وڏي ايراضي تي مشتمل هئي ۽ انهي جي ويجهو پري تائين ڪا وڏي مسجد موجود نه هئي اسٽاف ٻڌاو ته سائين هتان جي هڪ شخصيت حاجي سراج سومرو عمرڪوٽ ٿر ۾ وڏي شوق سان وڏيون وڏيون مسجدون تعمير ڪرائيندو آهي هن کي چئو ته اينٽي ڪرپشن ڪالوني ۾ ڪا وڏي مسجد ٺهرائي ڏي مان به سندن سان انهي باري ۾ ڳالهه ٻول ڪرڻ لاءِ سندن اوطاق تي پهتس ته اتي جمن دربدر سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي ۽ ڪچهري به ٺاهوڪي ۽ وڏي ٿي پئي هو ته منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمدابڙو جو وڏو عقيدتمند نڪتو هن کان پوءِ اسان جي مختلف شادين غمين سماجي توڙي ادبي پروگرامن ۾ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون هڪ دفعي ڪنهن دعوت ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاني سان گڏ وڃڻ ٿيو ته انهي دعوت ۾ مون ڏٺو جمن دربدر راڳ رنگ جي محفل ۾ پنهنجا سر آلاپي رهيو هو جڏهن مونکي ايندي ڏٺائين ته ڳائڻ ڇڏي مونکان وڏي محبت ۽ پيار منجهان مليو انهي موقعي تي شادي ۾ ويٺل ماڻهو حيران ٿي ويا سندن جون اهي عقيدتون ۽ محبتون ڀلا ڪيئن ٿيون وساري سگهجن آئون پنهنجي سروس جي دوران جيترو به عمرڪوٽ ۾ رهيس ته انهي دوران روحل واءِ تي وڃي واندڪائي ۾ سندن سان روح جون ڪچهريون ڪندو هئس جتي سندن جو ڀاڻيجو ۽ سنڌ جو نالي وارو انقلابي شاعر حليم باغي به موجود هوندو هو ۽ اسان اتي ماني به گڏجي کائيندا هئاسين عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ ٿيل ادبي پروگرامن ۾ اڪثر ماما جمن سان ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون ۽ منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسي توڙي سالگرهه جي پروگرامن ۾ پاڻ بطور مهمان خاص صدارت ڪندو هو هو سنڌ جو فقير صفت انسان هو جنهن بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي سماجي سيوا ڪئي هن جو ڪردار هر لحاظ کان منفرد هو سندن جي فقيراڻي طبيعت ۽ نوڙت کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهجي پاڻ عمرڪوٽ ۾ رهندي پوري سنڌ جو درد محسوس ڪندو هو ۽ هميشه نوجوان طبقي جي همت افزائ ڪندڙ انسان هو جنهن جي سرير ۾ انسانيت لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو به درد هو اڄ جڏهن هو ناهي رهيو ته هر ڪنهن کي سندن لاڏاڻي تي افسوس آهي ۽ هر ڪو سندن جي شخصيت کي لفظي ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهي. سنڌ جو بي لوث ڪردار فقير صفت انسان جمن دربدر سموري ڄمار سنڌ ڌرتي جي ماڻهن سان محبتون اوريندي گذاري ڇڏي سندن جون يادون ۽ ٽهڪ هاڻ يادون بڻجي رهجي ويا آهن. پاڻ روحل واءِ جي نگري ۾ هميشه جي لاءِ آرامي ٿي چڪو آهي جمن دربدر شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سندي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ميرپورخاص مان (6 مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1970ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.
ماما جمن شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس رهيو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جهڙوڪ: (1) بدنصيب ٿري، (2) سکن وارو سج، (3) گلن واري ڇوڪري، (4) آس، (5) ڏک ۽ ڏڪار، (6) چنڊ لڳي ٿو لولو، (7) ٽرڙو عاشق، (8) لڱ به منهنجا لوهه، (9) جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل هئا جمن دربدر لاجواب شاعر هو، هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر ورجائيندو هو سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار هو، هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو ھو. جمن دربدر امراڻي جو فقير صفت انسان هو جنهن کي تاريخ هميشه پنهنجي سنهري لفظن ۾ تحرير ڪندي رهندي.










