ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري محتسب سنڌ جي 08 اپريل 2022 جي فيصلي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، سنڌ پاران داخل ڪيل اپيل کي رد ڪندي محتسب سنڌ جي فيصلي کي برقرار رکيو. تفصيل جي مطابق محتسب سنڌ ڊاڪٽر علي حيدر ڪوريجو جي شڪايت تي اسڪول ايجوڪيشن کاتي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، گلشن مختيار ڪالوني، تعلقه مورو، نوشهروفيروز ضلعي ۾ گهربل فرنيچر فراهم ڪرڻ ۽ بيت الخلا جي تعمير جا حڪم جاري ڪيا جنهن جي خلاف سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنر سنڌ کي اپيل داخل جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته محتسب جي ايڪٽ جي شق 32 جي تحت هي معاملا محتسب جي دائري اختيار ۾ نٿا اچن ڇوته وسيلن جي ورڇ کي مدنظر رکندي ڄاڻايل حڪمن تي عملدرآمد لاءِ کاتي پاران ڪيل پاليسي فيصلي جي بابت مسئلي کي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيدا ٿيندي ۽ هي سموا معاملا پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پلان جي محدود وسيلن جي اندر آهن. گورنر سنڌ تعليم کاتي جي اپيل کي رد ڪندي چيو ته سيڪريٽري تعليم جو موقف درست ناهي ڇوته محتسب سنڌ کي هي اختيار حاصل آهي ته هو پنهنجن سفارشن تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ايجنسين کي حڪم ڏي ۽ انهن معاملن جي نشاندهي تي حڪومتي ذميوارين جي طرف کان انهن ڪوتاهين کي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري. گورنر سنڌ مشاهدي جي مطابق سنڌ رائٽ آف چلڊرين ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013 جي مطابق حڪومت جي ذميواري آهي ته هو هر ٻار کي مفت تعليم فراهم ڪري ۽ انفرااسٽرڪچر سميت معياري اسڪول جي عمارت، راندين جو ميدان، ليبارٽريز ۽ تدريسي مواد ۽ تدريسي عملو فراهم ڪري جيڪو بنيادي ذميواري جي تحت ايندو آهي.










