ڪراچي (شوبزنيوز)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ گلوڪار فرحان سعيد سئنيما گهرن ۾ مقامي فلمن جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي فلمن کي ترجيح ڏيڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.فرحان سعيد مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پاڪستاني فلمساز سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ته هو هالي ووڊ فلم ”ڊاڪٽر اسٽرينج“ کي پاڪستاني فلمن جي ڀيٽ ۾ مقامي سينما گهرن ۾ ترجيح ڏين ٿا. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”عالمي وبا ڪورونا کانپوءِ هن ڏکئي وقت ۾ مان انهن پاڪستاني فلمساز سان گڏ بيٺو آهيان جن تمام مشڪلاتن باوجود پنهنجيون فلمون ٺاهڻ جي جرئت ڪئي ۽ سينيما مالڪن کي چيو ته هو مقامي مواد استعمال ڪن، پر نه ڏنو.










