لاڙڪاڻو(ن سنڌيار)پاڪستان ۾ موٽر سائيڪل تي سفر ڪندڙ فرانسيسي بلاگر مسٽر ٽوم سنڌ جي تاريخي ماڳ تي پهچي ويو. هن موهن جي دڙو جو اسٽوپا. گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا سميت ٻين تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو ٽام جو چوڻ هو ته مون کي پاڪستان ۾ چار مهينا ٿي ويا آهن ۽ باقي ڇهه مهينا رهندس. پاڪستان غير ملڪي سياحن جي گهمڻ لاءِ هڪ سٺي جڳهه آهي. موهن جو درو قديم ۽ سڌريل تهذيب جي نشاني آهي.هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو مهمان نواز آهن، مون ٽيڪسيلا سميت ڪيرائي هنڌ ڏٺا آهن پر موهن جو دڙو جي پنهنجي حيثيت آهي.











