لاهور جي اسلام آباد کي 119 رنز تان شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل (پاڪستان سپر ليگ) پي ايس ايل 8 جي 26هين ميچ ۾ فخر زمان جي شاندار سينچري جي بدولت لاهور قلندرز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 119 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز اسلام يونائيٽيڊ کي کٽڻ لاءِ 227 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، لاهور قلندرز 5 رانديگرن جي نقصان تي 226 رنسون ٺاهيون. فخرزمان 57 بالن تي 115 رنسن جي اننگز کيڏي. فخرزمان جي اننگز ۾ 8 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل آهن. ڪامران غلام 41 ۽ سام بلنگز 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڊيوڊ ويسا 6 ۽ عبدالله شفيق هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، راشد خان 15 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اسلام آباد طرفان فضل حق فاروقي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، حسن علي ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 227 رنسن جي تعاقب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 16 هين اوور ۾ 107 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. حسن علي 18 ۽ ايلڪس هيلز 18 رنسون ٺاهيون، رحمان الله گرباز 15، شاداب خان 12 ۽ ڪولن منرو 11 رنسون اسڪور ڪيون، آصف علي 7، فهيم اشرف 4 ۽ مبشر خان 3 رنسون اسڪور ڪيون. ان ميچ ۾ فتح سان لاهور قلندرز پي ايس ايل جي ڪواليفائر ميچ ۾ جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو