عبدالمجيد بروھي
جهوناڳڙهه جي اڳوڻي وزيراعظم سر شاھنواز ڀٽو جي گهر پيدا ٿيندڙ ذولفي ڀٽو ڪنهن کي ڇا خبر هئي ته هي وڏو ٿي هن ملڪ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم، آئين جو خالق ۽ عوامي سياست ۾ نوان لاڙا آڻيندو، نه صرف اهو پر هن جي سياست جا چرچا دنيا جي سڀني کنڊن ۾ ٻولڻ لڳندا جنهن جي ڪري عرب دنيا سميت يورپ ۾ پڻ ڪافي مقبوليت ملي. ملڪي سياست ۾ به سياسي حلقن کي حلائي ڇڏيو جنهن جي ڪري ٻن آمرن کي عوام جي طاقت سان گهر ڀيڙو ڪيائين ۽ اجهي، لٽي ۽ ڳڀي جو نارو هڻندڙ زوالفقار علي ڀٽو پهنجي پارٽي جو بنياد وڌو جنهن ٿوري هي عرصي ۾ تاريخي مقبوليت حاصل ڪئي. والفقار علي ڀٽو عوام ۾ سياسي شعور جي بيداري لاءِ ڊرائنگ روم جي سياست کي رد ڪري عوامي سياست جو بنياد وڌو ۽ عام ماڻهو کي سياست جو سرچشمو ٺاهيو، سندس هن نعري عوام ۾ مقبوليت جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا
عوام دشمنن ۽ پاڪستان جي دشمنن ذالفقار علي ڀٽو کي ايٽم بم پروگرام شروع ڪرڻ عوام کي سندن حق ڏيڻ حقن لاء آواز اٿارڻ عالمي اسلام اسلام کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ سميت پاڪستان کي آئين ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ھڪ ظالم آمر ضياء جي احسان فراموشي جي ڪري ذالفقار علي ڀثو کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي کيس سولي تي چاڙھيو ويو تاريخ گوااھ آهي ته هن ملڪ جي عدليا هڪ آ مر جي ھنج ۾ ويهي آئين جي خالق مٿان ڪوڙو ڪيس هلايو ۽ پهرين جمهوري وزير اعطم کي 4 اپريل 1979 موت جي سزا ڏني وئي. قائدعوام کي چيو ويو ته معافي وٺي ملڪ بدر ٿي وڃو پر هن انهن سڀني آفرن کي رد ڪيو ۽ اهو واضع ڪيو ته مان هن مٽي جي پيداور آهيان، مان عوام جي حڪمراني جي لاءِ هر سختي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ انهن اٽل اصول تي بيٺو رهيو ڪابه صوديبازي نه ڪئي ۽ ڦاسيءِ جي گهاٽ چارهيو ويو. در اصل ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي انهن سوچ جي ناڪامي هئي جنهن چاهيو پئي ته زوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري انهن جي سوچ کي ختم ڪندا ، پر اهي ڀليل هيا ته زوالفقار علي ڀٽو هڪ نه پر هڪ زوالفقار علي ڀٽو عوام به آهي جنهن کي ختم نه ضيا جي ظلمت به نه ڪري سگهي.، شهيد زوالفقار علي ڀٽو جو بيگناهه قتل انهن عدليا کان پڇي ٿو ته منهجو قصور ڇا هيو؟ ڇا مهجو قصور اهو ته مان عوام کي حق گهرڻ جي آگاهي ڏني
هن ملڪ جي انهن کان وڏيڪ ڪهڙي بدقسمتي چئجي جو فوجي آمر ضيالحق جي بدترين حڪمراني جي ڪري هن معاشري مان سهپ ۽ رواداري جو خاتموآندو ويو ، هر طرف قتل غارت آهي، ملڪ ۾ جنونيت به انهن سوچ جو تسلسل آهن. شهيد زوالفقار علي ڀٽو جو بيگناهه قتل انهن عدليا کان پڇي ٿو ته منهجو قصور ڇا هيو؟ ڇا مهجو قصور اهو ته مان عوام کي حق گهرڻ جي آگاهي ڌني؟ ڇا منهجو قصور اهو ته مان هڪ سنڌي هيم؟ آخر قانون جا ٻٽا معيار ڇو؟ جهموري وزيراعظم ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ هڪ آمر کي کلي آزادي؟ هي اهي سوال آهن جيڪو هر روشن خيال انهن عدليا کان ڪري ٿو ته آخر سالن کان انهن ڀٽو ريفرنش ڪيس جو ڇا ٿيو؟ 37 سال گذري ويا…!!!اڄ به اهي لکين ماڻهو انهن سوال کي ورجائن ٿا ته آخر ڪڏهن شهيد ڀٽو جي ڪيس سان انصا ف ٿيندو ؟ انھن سوالن جا جواب ڳولڻ للاء ۽ ڀٽو شھيد جي بي گناھ خون سان انصاف لاء صدر پاڪستان پاران 2008 واري دور حڪومت ۾ صدارتي ريفرنسرنس داخل ڪرايائين جنھن کي بـ ڪيترن سان بعد عدليا پاران ڪن لاٽار ڪري اگنور ڪيو ويو آخر ڪار جسٽس قاضي فائز عيسا جھڙي عظيم جج قائد عوام فخر ايشيا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاء داخل ڪيل صدارتي ريفرنس کي اڪلائڻ لاء فل ڪورٽ ٺاھي باقائدا ڪيس ھلايائين جنھن بعد اھو عظيم ڏينھن اچي ويو جتي عدليا پاران اھو اقرار ڪيو ويو تـ ڀٽو شھيد کي فري ٽرائل جو حق نـ ڏنو ويو ۽ کيس سزا ڏيڻ لاء ججن مٿان دٻاء وڌو ويو ڀٽو شھيد سان انصاف نـ ڪيو ويو ان مان اسان توھان اھو سمجھي وڃون تـ عظيم عوامي اڳواڻ کي انصاف ڏيارڻ وارو آصف علي زرداري آھي قائد عوام جا نوجوان فرزند ھن ملڪ مٿان قربان ٿي ويا سندس لاڏلي ڌيء بينظير ڀٽو جيڪا پڻ ھن ملڪ جي عدليا ۽ ادارن جي ظلم جو شڪار رھي جنھن جي چونڊيل حڪومتن کي بنا ڪنھن سبب جي ختم ڪرايا ھن ملڪ کي ھلائيندڙن سندس جي ئي پنھنجي حڪومت ۾ ھن جي ڀاء کي شھيد ڪرايو ويو ڇا ھڪ ڀيڻ لاء ان کان وڌيڪ اذيت واري ڪا ڳالھ ھوندي اھو صرف ان لاء ڪيو ويو ڇو تـ شھيد راڻي پنھنجي والد جي نقش قدم تي ھلندي ھن ملڪ جي عوام کي خوشحال ڪرڻ چاھي پئي ھن ملڪ کي ايٽم بم قائد عوام ڏياريو ۽ ھن ملڪ کي ايٽمي طاقت کانپوء ميزائل ٽيڪنالاجي جو نظام شھيد راڻي ڏياريو شھيد راڻي کي جمھوريت جي ڳالھ ڪرڻ ۽ پنھنجي والد وانگر ملڪ جي عوام جي خوشحالي جي ڳالھ ڪرڻ جي ھن ملڪ جي دشمنن شھيد ڪرايو اڄ پوري دنيا ۾ جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو زندا ھي ڀٽو زندا ھي زندا ھي بي بي ۔ زندا ھي جا نعرا گونجي رھيا آھن ان مان صاف ظاھر آھي تـ ڀٽو شھيد جو فلسفو اڄ بـ ۔ زندا آھي پ پ پ جي ان عظيم باني پاران ملڪ جي عوام کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ ظالم خلاف سندس سامھون بيھي کيس غلط چوڻ جي سگھ ڏيندڙ ڀٽو شھيد آھي ملڪ جي مزدورن کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ لاء مزدورن کي سرڪاري ملز فيڪٽرين ۾ شيئرز ڏنا ليا ھارين کي مفت زمينون ڏياريندڙ ڀٽو شھيد ھيو ھنر مند پاڪستان ٺاھيندڙ ڀٽو شھيد آھي سنڌ جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ويو ملڪ ۾ ۽ پوري دنيا ۾ سنڌ جو روشن ڪندڙ ڀٽو شھيد آھي اڄ اسان ان عظيم اڳواڻ جي ورسيء جو ڏينھن ملھائي رھيا آھيون جنھن جي ڏنل ائٽم بم جي ڪري اڄ پاڪستاني پوري دنيا ۾ فخر سان عزت سان گھمي رھيا آھن ايٽم بم جو خالق ڀٽو شھيد آھي ۽ انجي ڪري ئي اڄ انڊيا وارا اسرائيل وارا ٻيا ملڪ پاڪستان مٿان ميري اک کڻي نٿا ڏسن انڊيا وارا اڄ سان مان ان جي ڪري خوفزدا آھن ڇو تـ اسان وٽ ڀٽو شھيد پاران ڏنل ايٽم بم ۽ شھيد راڻي پاران ڏنل ميزائل ٽيڪنالاجي آھي باقي ٻيا تـ بس ملڪ کي لٽيندا رھيا آھن اڄ ڀٽي شھيد جي ورسي جي مناسبت سان پوري ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سندس چاھيندڙ کيس ۽ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪري رھيا آھن ان جي ڪري تـ اڄ ھر ماڻھون چئي رھيو آھي ڀٽو شھيد ملڪ پاڪستان کي ايٽم طاقت ڏياري دشمنن جي رستا روڪ ڪئي آھي ان جي ڪري اسان چوندا آھيون تـ جيسيتائين پاڪستان آھي تيسيتائين ڀٽو شھيد جو نعرو ھر گھر گلي محلي ۾ گونجدنو رھندو










