ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان فاريڪس ايڪسچينج ايسوسي ايشن جي چيئرمين ملڪ بوستان خان سينيٽ جي خزاني بابت قائمه ڪميٽي آڏو حڪومت کي پيشڪش ڪئي آهي ته اسانکي فري هينڊ ڏيو اسين حڪومت کي ايندڙ 2 سالن تائين هر مهيني هڪ ارب ڊالر ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته پوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي، ڇو ته هو روز نوان شرط لڳائين ٿا. . ملڪ بوستان بريفنگ ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جا مطالبا شيطان جي آنڊن وانگر وڌي رهيا آهن. سندس چوڻ آهي ته گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان مان 180 ارب ڊالر پرڏيهه ويا آهن، پاڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي ڪا به کوٽ ناهي، پر مارڪيٽ کي ڪڏهن به ڏنڊي تي ڪنٽرول نه ڪريو. هن چيو ته ڊالر ڪرپٽو ڪرنسي ۽ فاريڪس آن لائن ٽريڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته ڏهه کان 15 هزار ڊالر تائين جي ڏيتي ليتي لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪري، ڇو ته ايف اي ٽي ايف ۾ ايتري حد جي ڇوٽ آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ ڊالر لاءِ به شناختي ڪارڊ جو شرط رکيو آهي پر حوالا هنڊي وارا گهر ڊالر پهچائين ٿا انهن کي ڪير نٿو روڪي. هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن وقت اسان 10 ارب ڊالر حڪومت کي ڏنا هئا. هن وقتت به حڪومت کي 40 ڪروڙ دالر ماهوار ڏيون پيا، عوام جي سفر، تعليم ۽ علاج لاءِ ساليانو 4 ارب ڊالر ڏيون پيا، اسٽيٽ بئنڪ ايڪسچينج ڪمپنين جون چارجز گهٽ ڪري ڇڏيون آهن، اسانکي هڪ ڊالر آنڻ لاءِ هڪ روپي ۽ بئنڪن کي 20 روپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا. هن وقت به 4 ارب ڊالر ماڻهن جي گهرن ۾ پيا آهن، حڪومت ڏهه کان 15 هزار تائين شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪري ڊالر مارڪيٽ ۾ اچي ويندا. هن چيو ته افغانستان جي ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ اضافو ٿيو آهي، انهن سان روپئي ۾ ۽ ايران سان بارٽر ذريعي يعني مال جي بدلي مال واري تجارٽ جا فيصلا ڪريو ڏسو ته ڪيئن سڀ مسئلا حل ٿين ٿا.










