سڊني (ويب ڊيسڪ) هينئر تائين جي سڀني کان وڏي سائنسي تحقيق مان خبر پئي آهي ته موبائل ڪميونيڪيشن جي جديد ٽيڪنالاجي(فائيو جي) انساني صحت جي لاءِ محفوظ آهي.ان سلسلي ۾ ٻه ڌار ڌار جائزا ورتا ويا جن مان 6 گيگابرٽزيا ان کان وڌيڪ فريڪوئنسي واري ريڊيو جي لهرن(ملي ميٽويوز) جي گهٽ مقدار سان انساني صحت جي لاءِ امڪاني خطرن جي حوالي سان 138 اڳوڻن مطالعن ۽ 100 کان وڌيڪ تجربن جو نئين سري سان تجربو ڪيو ويو. جائزي جو ڪم آسٽريلين ريڊي ايشن پروٽيڪشن اينڊ نيوڪليئر سيفٽي ايجنسي ۽ سوئنبرن يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۾ ماهرن جي ٽيمن گڏيل طور تي انجام ڏنو.واضح رهي ته فائيو جي ٽيڪنالاجي کي موبائيل ڪميونيڪيشن جي ايندڙ نسل به چيو ويندو آهي. جنهن ۾ 28 گيگابرٽز کان 39 گيگابر ٽز فريڪوئنسي تائين جون ريڊيو لهرون استعمال ڪيون وينديون آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏٺو وڃي ته اهو مطالعو هنيئر تائين فائيو جي ٽيڪنالاجي ۽ انساني صحت ۾ تعلق جي حوالي سان ڪيل سڀني کان وڏو مطالعو آهي پر ان حوالي سان تحقيق جو سلسلو جاري رهندو.










