غير قانوني موبائيل سِمن جي بندش جو مرحلو شروع

غير قانوني موبائيل سِمن جي بندش جو مرحلو شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي اي غير قانوني سمن جي بندش جو مرحلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.پهرين مرحلي ۾ جمعي کان جعلي سمز ۽ منسوخ ٿيل شناختي ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.ذريعن موجب نادرا کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي غير قانوني سمن کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي، ٻئي مرحلي ۾ ختم ٿيل شناختي ڪارڊن تي رجسٽرڊ ٿيل سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ ٽئين مرحلي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي نالن تي رجسٽرڊ ٿيل سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو. ذريعن موجب موبائل سمز جي بندش کان اڳ صارفين کي آگاهي جا پيغام موڪليا ويا هئا ۽ انهن پيغامن ۾ سمن جي ڊيٽا کي اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.پي ٽي اي ذريعن موجب موبائل سمز جو غير قانوني استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، جعلي سمز مختلف غير قانوني ڪمن ۾ استعمال ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو