ٽنڊو غلا م حيدر (ميرحسن رند) تعلقي جي مخلتف يونين ڪائونسلن حاجي صوڀو خان چانڊيو مويا سميت ننڍن توڙي وڏن اسٽاپ جي دڪاندارن کي ۽ ڳوٺن ۾ حيدرآباد کان ايندڙ ڊاٽسن ذريعي کاڌي جي استعمال طور تي هي کليل آئل سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي خبر نه آهي ته هي آئل ڪهڙي قسم جو آهي ۽ ڪهڙين شين مان ٺهي ٿو جيڪو صحت لاء نقصان ڪار آھي. انهي لاء ضلع ٽنڊو محمد خان ۽ تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جي اعلي اختيارين جي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙي قسم جو آئل هر جڳهه اسٽاپ توڙي ٻهراڙي جي ڪافي ڳوٺن ۾ سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن جي عملي طور تي جاچ ڪئي وڃي.










